ٽن ڀاتين جو قتل ڪيس، صمانت جي درخواست رد ٿيندي: ام رباب

دادو(ڊ ر) دادو ۾ ام رباب چانڊيو جي 3 گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دادو جي فرسٽ ايڊيشنل ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ٿي عدالت جو فاضل جج نديم بدر قاضي ڪيس جي فريادي پرويز چانڊيو جي وڪيل صلاح الدين پنهور جا دليل ٻڌا وڪيل پاران ڪيس ۾ عبوري ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ پنهنجا دليل مڪمل ڪيا، جنهن ڪري عدالت ضمانت واري درخواست جو فيصلو 22 جنوري 2022 تائين ملتوي ڪري ڇڏيو،  ٻڌڻي دوران جوابدار ڌر جو سردار خان چانڊيو ۽ برهان خان چانڊيو ۽ علي گوهر چانڊيو ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش نه ٿيا، جڏهن ته سندن ڪيس جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻي بعد ام رباب چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي اميد آهي ته عدالت اسان سان انصاف ڪندي اسان جي وڪيل هنن پاران حاصل ڪيل ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ پنهنجا دليل پيش ڪيا آهن. اميد آهي ته ضمانت جي درخواست رد ٿيندي .واضع رهي ته ام رباب جي 3 گهر ڀاتين سندس والد مختيار چانڊيو،سندس ڏاڏو ڪرم الله چانڊيو ۽ سندس چاچو قابل چانڊيو کي ميهڙ ۾ ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪيو ويو هو جيڪو ڪيس گذريل 4 سالن کان هلندڙ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.