وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن تي هر مهيني اگهه وڌائي ٿي: نثار کهڙو

ڪراچي(رپورٽر) پ پ وفاقي حڪومت خلاف 27 فيبروري تي رٿيل لانگ مارچ جي انتظامن لاءِ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي، جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، سعيد غني، عاجز ڌامراهه، سيد ناصر حسين شاهه، نعمان شيخ ۽ مڪيش ڪمار چاولا تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي منظوري سان قائم ڪيل ڪميٽي لانگ مارچ جي سمورن معاملن جي ذميوار ۽ نگران هوندي، پ پ سنڌ جي صدر نثار احمدکهڙي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن تي هر مهيني بجلي، تيل ۽ گئس جا اگهه وڌائي ملڪ کي غير ملڪي ادارن جي ڪالوني بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هن مطالبو ڪيو ته بجلي جا وڌايل اگهه فوري واپس ورتا وڃن، عمران خان ملڪ ۾ اهڙيون حالتون نه آڻي جو عوام سول نافرماني جي تحريڪ هلائڻ تي مجبور ٿي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.