سانگهڙ ۾ پوليس هٿان نوجوان مارجڻ خلاف ايس ٽي پي جو احتجاج

سانگهڙ( ڊر)  سانگهڙ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان  رياض ڪلهوڙو جي قاتلن جي گرفتاري  لاءِ  ايس ٽي پي تعلقي سانگهڙ پاران پريس ڪلب سانگهڙ اڳيان جبار جوڻيجو سليم رضاڏاھري,سني خان جوڻيجو,  ڏاڙهون  جانوري، شھيد رياض ڪلھوڙي  جي والد علي نواز ڪلھوڙو، سھراب خان مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاھري کي ايس ٽي پي ضلعي اڳواڻ,جبار جوڻيجو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ايس ايس پي سانگھڙ ھوندي شھيد رياض ڪلھوڙو جي خون سان ڪڏھن به انصاف نه ٿيندو . اسان ھن احتجاج ذريعي مطالبو ڪيون ٿا ته شھيد رياض ڪلھوڙو جي قتل جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي ملوث پوليس اھلڪارن کي گرفتار ڪري رياض ڪلھوڙو جي وارثن کي انصاف فراھم ڪيو .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.