خودمختيار مڪاني نظام لاءِ تحريڪ هلائينداسين: صدرالدين شاهه

نارو(ن ع آ) چونڊڪو شهر ۾ فنڪشل مسلم ليگ جو جلسو ٿيو، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، جلسي کي خطاب ڪندي اڳوڻي وفاقي وزير ، فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ جي صدر پير سيد صدرالدين شاه راشدي چيو ته سنڌ ۾ بلدياتي نئين نظام خلاف پ پ پ کانسواءِ سڀ سياسي جماعتون جلسا جلوس ۽صلاح مشورا ڪري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته بلدياتي نئين نظام ۾ ڪائونسلر توڙي چيئرمين کي ڪوبه اختيار ناهي ته هو پنهنجي مرضي سان عوامي خدمت ڪري سگهي، اسين چاهيون ٿا ته اهڙو بلدياتي نظام هجي جنهن ۾ ڪائونسلر يا چيئرمين ايترو ته بااختيار هجي جو هو پنهنجي علائقي ۾ بنا ڪنهن ججهڪ بغير ڪنهن خوف ۽ سياسي دٻاءُ جي عوام جا مسئلا حل ڪري سگهي، هن چيو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم، پي ٽي آءِ، جي يو آءِ، جماعت اسلامي ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن جي نئين بلدياتي نظام خلاف احتجاجي پريس ڪانفرنس رکيل آهي ان ۾ گڏيل فيصلو ڪيو ويندو ته پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هڻجي يا نه؟ يا تحريڪ کي ڪهڙي رخ ۾ وٺي هلجي، واعدو ٿا ڪريون ته توهان کي خودمختيار بلدياتي نظام ڏيارڻ لاءِ هر ڪوشش ڪنداسين، ان موقعي تي فنڪشنل مسلم ليگ جي صوبائي اڳواڻ صاحبزاده ميرشاهنواز خان ٽالپر به خطاب ڪيو. صدرالدين شاه راشدي کي اڳوڻي تعلقه ناظم نارا فقير بخش علي خان آرادين پاران بوسڪي جو پٽڪو ۽ خادم حسين آرادين پاران اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ويو، صدرالدين شاه راشدي هندو محلا ۾ هندو پنچائت چونڊڪو جي صدر مکي صورت مل پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي، ۽ مختلف هنڌن تي تعزيتون ڪيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.