عمران خان جي پوزيشن اشرف غني جهڙي آهي :سليم صافي

اسلام آباد ( عوامي آواز نيوز ) دفاع واري وزير پرويز خٽڪ جو وزيراعظم آڏو ڦاٽي پوڻ هوا جو پهريون جهوٽو آهي، سينيئر صحافي سليم صافي ٽي وي پروگرام ” نقطه نظر“۾ ڳالهائيندي چيوته پرويز خٽڪ تمام تجربيڪار سياستدان آهي ، زندگي ۾ پهريون ڀيرو زميني حقيقت عمران خان آڏو واضع ڪئي، ڇوته ڪي پي ڪي جي مڪاني چونڊن ۾ هارائڻ جي سموري ذميواري پرويز خٽڪ جي ڳچي ۾ وڌي پئي وئي، جڏهن ته ان کان اڳ ايبٽ آباد ۾ پرويز خٽڪ عوامي ڪاوڙ ۽ نعربيازي ٻڌي چڪو هئو، سليم صافي چيو ته نورعالم ته پرويز خٽڪ کان وڌيڪ ڪاوڙ ۾ آهي ، سليم صافي جو ڇوڻ هو ته هاڻي عمران خان جي پوزيشن اڳوڻي افغان صدر اشرف غني جهڙي ٿي وئي آهي ، پروگرام ۾ مجيب الرحمان شامي ۽ اجمل جامي پڻ خيالن جو اظهار ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.