ملير ۾ انتظاميا ڳوٺ ڊاهي بلڊر حوالي ڪري ڇڏيو، 33 ڳوٺاڻا زخمي، 20 عورتون گرفتار

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) ملير جي ڳوٺ محمد خان گبول تي پورٽ قاسم اٿارٽي، روينيو انتظاميا ۽ اينٽي انڪروچمنٽ پوليس جي وڏن اٽالن سان ڪارروائي ڪري عورتن ۽ مردن کي پوليس گرفتار ڪري ڳوٺ تي بااثر بلڊر جا ماڻهو ويهاري ڇڏيا آهن، اسان جو ڳوٺ 1981 جي جوائنٽ سروي ۾ پورٽ قاسم ۽ روينيو رڪارڊ تي موجود آهي ڳوٺ تي چڙهائي ڪرڻ دوران هيوي مشينري ذريعي سوين گهر ڊاهي پٽ ڪرڻ سان گڏ ڪچن گهرن کي باهيون ڏيئي گهرن ۾ پيل ڪروڙين روپين جو قيمتي سامان، روڪ رقم، سونا زيور، چوپايو مال، ڳئون ٻڪريون پڻ پوليس کڻي وئي آهي، ڪاروائي دوران 25 عورتون ۽ 8 مرد زخمي ٿيا آهن پوليس 25 ڳوٺاڻن تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار ڳوٺاڻن ميوو گبول، محمد راحب گبول، داد رحيم گبول، محمد خان گبول، حاجي خان گبول ملير پريس ڪلب ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هنن چيو ته اسان پورٽ قاسم جا متاثر زميندار آهيون اسان جو ڳوٺ ليز آهي، پر ان جي باوجود پورٽ قاسم انتظاميا اها زمين هڪ فيڪٽري مالڪ کي وڪرو ڪئي آهي، زمين خالي ڪرائڻ لاءِ پورٽ قاسم انتظاميا روينيو انتظاميا ۽ پوليس جي اٽالن ڳوٺ تي چڙهائي ڪري بنا ڪنهن نوٽس جي اسان جا سوين گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن هن وقت اسان سوين ڳوٺاڻان ڳوٺ کان ٻاهر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، هنن چيو ته پوليس ۽ پورٽ قاسم انتظاميا جي چڙهائي دوران ڳوٺ خالي ڪرڻ لاءِ هيوي مشينرين ذريعي گهر ڊاهيا ويا آهن ۽ گهرن ۾ موجود عورتن ۽ معصوم ٻچن تي پوليس پاران سخت تشدد ڪيو ويو آهي هن ڪارروائي ۾ هاشواڻي گروپ، ملير پوليس ۽ روينيو ڊپارٽمنٽ ۽ اينٽي انڪروچمنٽ ۽ پرائيويٽ سيڪورٽي جا پرائيويٽ اهلڪار به موجود هئا، اسان جي گهرن مان ڦر لٽ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سونا زيور، لکين روپين نقد، 10 ٻڪريون، 15 ڳئون ۽ گهرن ۾ پيل سمورو سامان سولر پليٽون، بيٽريون ۽ ٻيو قيمتي سامان پوليس کڻي وئي آهي، ڪارروائي دوران ملير پوليس 20 عورتون به گرفتار ڪيون هيون جن کي بعد ۾ ڇڏيو ويو آهي، اسان سان اسرائيل ۽ فلسطين جهڙو رويو ڪيو ويو آهي هن وقت به ڳوٺ تي هيوي مشينري ذريعي والار جاري آهي اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي اسان پورٽ قاسم جا متاثرين آهيون اسان سان پورٽ قاسم انتظاميا زيادتي ڪئي آهي اسان جو ڳوٺ جو ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي، هنن چيو ته ڳوٺ جي مرد ۽ عورتن کي زخمي ڪرڻ کانپوءِ ڳوٺاڻن تي ئي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 11 ڳوٺاڻن جا نالا نامزد ڪيا ويا آهن، باقي 14 ڳوٺاڻن کي نامعلوم ڄاڻايو ويو آهي،ڳوٺاڻن تي ڪارروائي ڪري انهن جا گهر ڊاهي وري انهن تي ئي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، هنن وزيراعظم پاڪستان، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ، پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعليٰ سنڌ کي اپيل ڪئي ته ڪارروائي ۾ حصو وٺندڙ پوليس آفيسرن، روينيو آفيسرن، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ هاشواڻي گروپ جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

  • پورٽ قاسم انتظاميا ۽ ضلعي انتظاميا جي موقف ۾ تضاد

ملير: محمد خان گبول ڳوٺ کي ڊاهڻ بابت پورٽ قاسم انتظاميا ۽ ضلع ملير جي انتظاميا موقف ۾ تضاد سامهون اچي ويو، پورٽ قاسم اٿارٽي جي ترجمان عوامي آواز کي ٻڌايو ته ڪارروائي نجي اداري هاشواڻي گروپ ضلعي انتظاميا سان گڏجي ڪئي، 20 ايڪڙ زمين خالي ڪرائي آهي جنهن ۾ نجي اداري هڪ پرائيويٽ سيڪيورٽي ڪمپني جي معرفت زمين خالي ڪرائي ڳوٺاڻن کان قبضو ورتو آهي جڏهن ته ضلع ملير جي انتظاميا عوامي آواز کي ثبوت طور تي پورٽ قاسم اٿارٽي پاران هڪ ليٽر نمبرPQA/STY/AEC/04/2021, ذريعي ڊپٽي ڪمشنر ملير کي مذڪوره ڳوٺ مان قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ لکيو.

  • ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو، کنڀيل ڳوٺاڻا بازياب ڪرايا ويا

ملير: محمد خان گبول ڳوٺ مان غير قانوني طور تي ڳوٺ خالي ڪرائڻ ۽ بيگناهه گرفتار ڳوٺاڻن کي ملير جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي حڪم تي بن قاسم ٿاڻي تي ڇاپو هڻي ڳوٺاڻن کي بازياب ڪرايو، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن پاران پورٽ قاسم انتظاميا ۽ ضلع انتظاميا خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڳوٺاڻن جي وڪيل امير خان عوامي آواز کي ٻڌايو ته ڳوٺ محمد خان گبول پاران اڳواٽ ئي هڪ آئيني درخواست ڪيس نمبرS-1281/2013 ڪورٽ سڳوري پاران هڪ آرڊر جاري ڪيو ويو ته مذڪوره ڳوٺ تي ڪنهن به قسم جي پوليس يا انتظاميا چڙهائي نه ڪندي، عدالت سڳوري جي حڪم جي باوجود انتظاميا محمد خان گبول ڳوٺ تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪيو آهي، محمد خان گبول ڳوٺ مان حددخلين جي آڙ ۾ گرفتار ڪيل 7 کان وڌيڪ عورتن ۽ ٻارن کي ملير جي سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه شخصي ضمانت تي آزاد ڪرايو.

  • محمد گبول ڳوٺ تي پوليس چڙهائي جي مذمت ڪيون ٿا: صنعان قريشي

حيدرآباد (پ ر ) جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام جسقم ميڊيا سينٽر قاسم تان مرڪزي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته ملير پورٽ قاسم لڳ قديمي ڳوٺ مُحمد خان گبول تي پوليس چڙهائي ڪري ڳوٺاڻن جا گهر ساڙي ڇڏيا آهن. جڏهن ته ڪيترا  ڳوٺاڻا زخمي ڪري گرفتار ڪيا ويا آهن، هن واقعي جي مذمت ٿي ڪيون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار قديمي ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاءِ ڳوٺ ۾ سرڪاري مشينري جو استعمال ڪري رهي، جيڪو عمل سرڪار جي سنڌ دشمن پاليسي جو عمل آهي، جنهن سان سنڌ جي قميتي زمين کي وڪرو ڪري سنڌ ۾ هائوس اسڪيمن ذريعي ڌارين کي آباد ڪيو پيو وڃي، ڌاري آبادي سنڌ جي وجود خلاف آهي، سرڪار جي اهڙي ڪڌي عمل خلاف منظم جدوجهد جي ضرورت آهي، جڏهن ته جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام مرڪزي پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آهي، ڪير به محفوظ ناهي، موري مان جسقم اڳواڻ جگديش ڪمار جي ڀاءُ ڪمليش کي قتل ڪري گٽر نالي ۾ اُڇلايو ويو آهي، جيڪا لاقانونيت جي بدصورت شڪل آهي، هن چيو ته جسقم اڳواڻ جي ڀاءُ ڪمليش جي قاتلن کي وائکو ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي. جڏهن ته مرڪزي پڌرائي ۾ 17 جنوري تي سن شهر ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 118هين سالگرھ تي سياسي جلسو ڪيو ويندو، جنهن ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي اھم خطاب ڪندا.

  • ڳوٺاڻن سان ٿيل زيادتي جو ازالو ٿيندو، ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: ايس ايس پي

ملير: سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه، ضلع ڪائونسل ڪراچي جو ايڊمنسٽريٽر نور حسن جوکيو، حاجي ڌڻي بخش شيخ، عبدالرئوف گبول، وريل گبول ۽ ٻيا پڻ ساجد جوکيو سان گڏ گڏجاڻي ۾ موجود هئا، ايس ايس پي ملير وفد کي يقين ڏياريو ته ڳوٺاڻن سان ٿيل زيادتي خلاف جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو ويندو، انتظاميا ڳوٺاڻن سان مڪمل سهڪار ۽ قانوني مدد فراهم ڪندي ڪوبه ڪامورو يا پوليس آفيسر ملوث ٿيو ته ان خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.

  • قديمي ڳوٺ ڊاهڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين: ساجد جوکيو

ملير (ڊر) ملير جي محمد خان گبول ڳوٺ تي پورٽ قاسم انتظاميا ۽ انڪروچمنٽ جي چڙهائي ۽ ڳوٺاڻن خلاف ڪارروائي جو سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو نوٽيس وٺي ڇڏيو، ان حوالي سان صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو علائقي معززين سان گڏ ايس ايس پي ملير سيد عرفان بهادر, ايس ايس پي جاچ ملير عارب مهر، ايس ايس پي جاچ ڪورنگي ملڪ سنگهار سان ميٽنگ ڪئي، ان موقعي تي سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو هدايتون جاري ڪندي چيو ته گرفتار ڳوٺاڻن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ۽ دهشتگردي جي ايف آءِ آر کي ختم ڪيو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته ملير جا ڳوٺ ۽ ڳوٺاڻا لاوارث نه آهن، قديمي ڳوٺن کي ڊاهڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين، اسان ڳوٺاڻن سان گڏ آهيون ۽ انهن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين.

  • گهر ڊهڻ بعد ڳوٺاڻا سيءُ ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل، ڪنهن به سار نه لڌي

ملير: محمد خان ڳوٺ کي مسمار ڪرڻ بعد نجي سيڪيورٽي ۽ بن قاسم پوليس ڳوٺاڻن ڳوٺ جي زمين بلڊوزر گهمائي ڳوٺ کي پٽ ڪري ڇڏيو، متاثر ڳوٺاڻن کلي آسمان هيٺان پنهنجي معصوم ٻارن ۽ عورتن ۽ ضعيف ماڻهن سان گذاري سخت سردي ۾ متاثر ڳوٺاڻن سان ڪنهن به سماجي يا فلاحي ادارو نه پهتو، متاثرين انصاف لاءِ عدالت جو در کڙڪائڻ جو اعلان ڪيو.

  • محمد خان گبول ڳوٺ قانوني ڳوٺ آهي، ڪارروائي غيرقانوني آهي: سيد خدا ڏنو شاهه

ملير: سياسي سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته محمد خان گبول ڳوٺ قانوني ڳوٺ آهي جيڪو پورٽ قاسم ۽ روينيو جي 1981 واري گڏيل سروي ۾ رڪارڊ تي موجود آهي ان کانسواءِ هاءِ ڪورٽ سنڌ جا ٽي فيصلا ڳوٺاڻن جي حق ۾ موجود آهن جن ۾ چيو ويو آهي ته پورٽ قاسم اٿارٽي ۾ آيل ڳوٺن کي متبادل رهائش لاءِ زمين گهرن جو معاوضو ۽ نوڪريون ڏنيون وينديون اهڙو فيصلو 1989 ۾ وزيراعظم انسپيڪيشن ڪميشن (ڪانگو ڪميشن) ۽ 2003 ۾ روينيو ڊپارٽمنٽ، پورٽ قاسم اٿارٽي ۽ مقامي نمائندن جي وچ ۾ ڪيل تحريري فيصلن ۾ پڻ موجود آهي باوجود ان جي انهن سڀني اعليٰ سطح فيصلن جي لتاڙ ڪندي پورٽ قاسم اٿارٽي ضلع انتظاميا کي غلط بياني سان ناجائز طور استعمال ڪري ڳوٺ تي غير قانوني ڀڃ ڊاهه ڪئي آهي، ملير جي عدالت ۾ ڪيس نمبر2021/213 هلندڙ آهي جنهن تي روينيو ڊپارٽمنٽ ڪوبه جواب عدالت ۾ جمع نه ڪرايو آهي، ان کانپوءِ ڪرمنل پٽيشن 2021/2805 جنهن ۾ فيصلو محمد خان گبول جي حق ۾ ڏنو ويو آهي،  جنهن لاءِ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان عدالتي جاچ ڪرائي ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ ڳوٺاڻن سان انصاف ڪيو وڃي.

  • ڳوٺ حاجي خان بروھي تي پوليس ۽ بلڊر مافيا جي ڪاهه، 40 گهر ڊاهي پٽ

سرجاني ٽائون (رپورٽ: اصغر بروھي) لينڊ مافيا جي 50 کان وڌيڪ هٿيار بندن جي ڳوٺ حاجي خان بروھي تي ڪاھ،  هٿياربندن جو ٻارڙن ۽ عورتن تي تشدد، 35 کان 40 گهر ڊاهي پٽ، ڳوٺاڻن جو احتجاج. ديھ موکي، تپو سونگل ضلعي اولھ 35 ايڪڙن تي مشتمل ڳوٺ جي رهواسين علي بخس بگٽي، گل حسن لاشاري جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته اسان جو ڳوٺ 1986 ڳوٺ آباد اسڪيم تحت آباد آهي، مختيار لاشاري، رحيم بگٽي، مولا بخش لاشاري، بور محمد بگٽي ۽ ٻين جا گهر موجود آهن. اها زمين ذاڪر حسين شاھ، مفتي سليم ۽ ايم جوکيو جي ملڪيت آهي، بااثر انٽي انڪروچمينيٽ، حد جي پوليس کي ساڻ ڪري ڳوٺ ٺاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته الاوالدين جتوئي، علي زهري گهر ڊاهي ڳوٺ تي هٿياربندن کي ويهاري ڇڏيا آهن. اسين ٻار ٻچا  وٺي سخت سيءَ ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيو، وزير اعظم، سنڌ جو وڏو وزير، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو چيف جسٽس، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس واقعي جو نوٽيس وٺي قبضو ڇڏائي اسان کي انصاف ڏيارين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.