صوفياڻي سنڌ ۾ وحشت، نصيرآباد ۾ معصوم ٻار بدفعلي بعد قتل

نصيرآباد (رپورٽ: بشير احمد بروهي) نصيرآباد ڊگري ڪاليج ڀرسان نرسري واري پلاٽ مان 7 سالن جي ٻارڙي نويد پٽ حسين بخش بروهي جو جنسي زيادتي بعد گھٽا ڏنل لاش هٿ آيو آهي، رپورٽ موجب ڪالهه صبح جو پوليس کي اطلاع مليو ته نرسري ڀرسان ھڪ ننڍڙي نينگر جو لاش پيل آهي، پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ رورل ھيلٿ سينٽر نصيرآباد آندو، جتي لاش جي سڃاڻپ 7 ورهين جي نويد پٽ حسين بخش بروھي طور ٿي، جيڪو جنگي واھ محلو نصيرآباد جو ويٺل آهي، جنھن کي نامعلوم جوابدارن جنسي ڏاڍائي بعد گھٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو آهي، معصوم ٻالڪ جي وارثن ٻڌايو ته نويد ٻن ڏينهن کان گھران نڪري ويو ھو، اسان سان ظلم ٿيو آهي، اسانجي ڪنھن سان به دشمني ناهي، معاملي جي جاچ ڪري نويد جي قاتلن کي بنا دير گرفتار ڪري کين ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر تصديق ڪندي چيو آهي ته نينگر کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، جنسي ڏاڍائي جي تصديق لاءِ جزا ورتا آهن، جيڪي چڪاس لاءِ ليبارٽري اماڻيا ويندا، ٻي طرف ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ سمير نور چنا عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهن، ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.