ٺل ڀرسان گم ٿيل نينگر جو لاش هٿ،بدفعلي بعد قتل ڪيو ويو: وارث

ٺل(رپورٽ نماڻو نوناري) ٺل ويجهو اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ باغ علي ٻرڙو لڳ موسيٰ الله آباد شاخ مان ٻه ڏينهن اڳ گم ٿيل 16 ورهين جي نينگر معشوق پٽ خان محمد ٻرڙو جو هٿ ۽ پير ٻڌل سلوار لٿل لاش هٿ ڪيو ويو، لاش ڳوٺاڻن ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش شاخ مان ڪڍي پوليس موبائيل ذريعي کڻائي تعلقا اسپتال منتقل ڪيو ويو. نينگر جو لاش ملڻ جو اطلاع ملندي وڏي تعداد ۾ وارث تعلقا اسپتال پهچي ويا. نينگر جي لاش کي والد چمبڙي دانهون ڪندو رهيو. فوتي نينگر جو والد خان محمد ٻرڙو ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ پٽ گهران نڪتو هو جيڪو واپس نه ٿيو اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي،نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.