لاڙڪاڻي ۾قيدين ۽ انتظاميا ۾ڇڪتاڻ جاري، قيدين جو جيل ۽ وارثن جو در تي ڌرڻو

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل انتظاميا ۽ قيدين وچ ۾ سزا يافته 15 کان وڌيڪ قيدين کي ڪراچي ۽ ٻين جيلن ڏانهن منتقل ڪرڻ واري عمل خلاف جيل انتظاميا ۽ قيدين وچ ۾ ڪالهه ٽئين ڏينهن به ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار رهي جتي قيدين فجر نماز کان پوءِ جيل جي مسجد ٻاهريان پيش امام سان گڏجي ڌرڻو هڻي جيل انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي، جتي سوشل ميڊيا تي پنهنجي آڊيو ۽ ويڊيو وائرل ڪندي قيدين رياض چانڊيو، بخت ڪلهوڙو، صاحب چانڊيو ۽ ٻين دانهيندي الزام لڳايو ته جيل سپريٽيڊنٽ اشفاق ڪلوڙ گذريل ٽن ڏينهن کان بئرڪن جي بجلي بند ڪرڻ سان گڏ اسان جي ماني بند ڪري ڇڏي آهي جنهن ڪري اسين گهران آيل راشن ۽ چانهه پاپي تي گذارو ڪري رهيا آهيون، جيل سپريٽيڊنٽ اسان جو راشن ۽ سامان بند ڪرڻ سان گڏ گهر جي ماني به بند ڪري ڇڏي آهي. قيدين جيل سپريٽيڊنٽ مٿان سنگين الزام لڳائيندي چيو ته جيل سپريٽيڊنٽ اشفاق ڪلوڙ گذريل ٽن ڏينهن کان مسلسل قيدين کان ڀتو گهري رهيو آهي. ڀتو نه ڏيڻ تان هن اسان جي 15 قيدين کي ٻين جيلن ڏانهن منتقل ڪري بشير عرف بشو شابراڻي مٿان تشدد ڪري کيس گم ڪرڻ بعد اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته جيل سپريٽيڊنٽ اشفاق ڪلوڙ کي هٽائي بجلي فراهم ڪري ماني ڏئي قيدين جي ٻين جيلن ڏانهن منتقلي روڪي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان جيل سپريٽيڊنٽ اشفاق ڪلوڙ رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته جيل جو ماحول خراب ڪندڙ 15 خطرناڪ قيدي ٻين جيلن ڏانهن منتقل ٿي چڪا آهن جيڪڏهن ٻين قيدين مان جيڪي قيدي پنهنجي مرضي سان ٻئي جيل وڃڻ چاهيندا ته انهن کي به منتقل ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته قيدين طرفان موبائل جي استعمال سبب بئرڪن جي بجلي بند ڪئي وئي آهي ۽ قيدين کي کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته جيل جون ڪجھه بئرڪون زبون ٿي چڪيون آهن مرمت ڪرائڻ لاءِ قيدين کي ٻين جيلن ڏانهن منتقل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هوڏانهن قيدين جي سوشل ميڊيا تي ويڊيو وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ قيدي سُڪل مانيون ٻاچڪن مان ڪڍي گرم ڪري رهيا آهن جنهن ۾ قيدي ٻڌائي رهيو آهي ته اسان جي ماني بند ڪئي وئي آهي جنهن ڪري اسين مجبور ٿي سُڪل مانيون گرم ڪري چانهه سان کائي رهيا آهيون ۽ جيل جي پوليس هڪ قيدي جي گهران آيل ماني به کائي ڇڏي آهي. ٻئي پاسي جيل جي قيدين جي احتجاج کان پوءِ لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ قيد ڀوڳيندڙ سزا يافته قيدي بشير عرف بشو شابراڻي جي وارثن جيل سپريٽيڊنٽ اشفاق ڪلوڙ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي مراد واهڻ پاڙي جي رهواسڻ مسمات ليليٰ شابراڻي پنهنجي ڀينرن شبيران خاتون، مريم خاتون، مائٽن رشيد، طارق حسين، گلزار، فدا حسين، محراب شابراڻي ۽ ٻين سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته ڀاءُ بشير شابراڻي مٿان 30 سال اڳ بااثر وڏيرن جي چوڻ تي وارهه ٿاڻي تي حملي جي ايف آءِ آر داخل ٿي ان تي ڀاءُ بشير عرف بشو شابراڻي ٻين قيدين سان گڏجي جيل سپريٽيڊنٽ کي شڪايت ڪئي جنهن تي هن ڏمرهي سندس مٿان بدترين تشدد ڪرڻ بعد کيس گم ڪري ڇڏيو  آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.