آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ سان قومي سلامتي متاثر ٿئي ٿي: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ آءِ ايم ايف جا شرط مڃڻ سان ڪٿي نه ڪٿي سيڪيورٽي متاثر ٿئي ٿي، مجبوري ۾ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو آهي ۽ هر ٿوري دير ۾ آءِ ايف وٽ وڃڻو پوي ٿو. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته آءِ ايم ايف جا شرط مڃڻ سبب ماڻهن تي بار وجهڻو پوندو آهي، پاڪ فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، اسان وٽ ڊسيپلنڊ ۽ تربيت يافتا فوج آهي.   ملڪ کي محفوظ بڻائڻ ۾ پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو، وڏي محنت سان سلامتي بابت متفقه قومي دستاويز تيار ڪيو ويو آهي، پاليسي ۾ قومي سلامتي کي بهتر نموني واضح ڪيو آهي، پالسي ذريعي قوم جو قبلو درست ڪيو اٿئون . وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي جا گهڻا ئي رخ آهن، قومي سلامتي جي صرف هڪ ئي رخ تي ڌيان ڏبو ته سويت يونين جو مثال سامهون آهي، جنهن کي طاقتور فوج به محفوظ نه بڻائي سگهي. هر هر آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته اوهان جي معاشي پاليسي درست ناهي، جنهن سان سلامتي متاثر ٿيندي، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ گهڻ رخي قومي سلامتي جو تصور ناهي رهيو. جيڪڏهن توهان کي هر وقت آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو ته توهان جي سلامتي متاثر ٿيندي، ملڪي معيشت ڪمزور ٿيندي ۽ دفاع به ڪمزور ٿيندو، جيڪڏهن اسان جي ترقي جي شرح گهٽجي ته پنهنجو بچاءُ ڪيئن ڪنداسين، وڌندو پوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ھوندو آھي.اسان آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ تي مجبور آهيون ڇو ته آخر ۾ اهو آءِ ايم ايف آهي جيڪو اسان کي سستا قرض ڏئي ٿو، اسان کي انهن جا شرط مڃڻا پوندا . اوهان جي معاشي پاليسي درست ناهي، جنهن سان سلامتي متاثر ٿيندي، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ گهڻ رخي قومي سلامتي جو تصور ناهي رهيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.