پهريون ڀيرو قومي سلامتي پاليسي جو عوامي حصو جاري

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان پهرين قومي سلامتي پاليسي جو پبلڪ ورزن جاري ڪري ڇڏيو، اسلام آباد ۾ قومي سلامتي پاليسي جي تقريب دوران وزيراعظم عمران خان، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي ۽ هٿياربند فوج جي اڳواڻن به شرڪت ڪئي. قومي سلامتي پاليسي واري تقريب کي خطاب ڪندي قومي سلامتي جي صلاحڪار معيد يوسف چيو ته پاڪستان جي قومي سلامتي بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيون ويون. اسان سموري دنيا جون پاليسيون ڏٺيون آهن. پاڪستان جون سموريون پاليسيون اعليٰ معيار جون آهن، معيد يوسف چيو ته پاڪستان جي سمورن شعبن جون گهڻيون پاليسيون آهن جيڪي ٺهنديون آهن ۽ اپڊيٽ ٿينديون آهن. معيد يوسف چيو ته قومي سلامتي پاليسي جو اصل ڊاڪيومينٽ ڪلاسيفائيڊ آهي پر وزيراعظم چيو هو ته پاليسي کي پڌرو ٿيڻ گهرجي، قومي سلامتي پاليسي جي سامهون ايندڙ نڪتن موجب ڪشمير کي پاڪستان جي قومي سلامتي پاليسي ۾ اهم قرار ڏنو ويو آهي جڏهن ته پاليسي ۾ معيشت جي تحفظ کي به مُک حيثيت حاصل آهي. وزيراعظم عمران خان ان حوالي سان چيو ته قومي سلامتي پاليسي سان قوم جو قبلو صحيح ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.