ڪورونا ڪيس وڌڻ باوجود صورتحال ضابطي ۾ آهي، لاڪ ڊائون نه پيا لڳايون: مراد شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو  آهي ته لاڪ ڊائون نه ٿا لڳايون، فيصلو اين سي او سي سان مشروط هوندو. ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز تي زور ڀريو آهي ته هوءَ ڊائو ۾ سينٽرل سيميوليشن سينٽر قائم ڪري ته جيئن پبلڪ سيڪٽر جون ٻيون ميڊيڪل يونيورسٽيون پنهنجي پيشي ۾ ورچوئل ريئلٽي ذريعي سکيا وٺي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ۾ آصف رحمان سيميوليشن سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، ڊائو يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر سعيد قريشي، پرو-وائيس چانسلر پروفيسر درناز وحيد، فيڪلٽي ميمبرن، پرنسپال ڊي ڊي سي ارشد حسن ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.  سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت صحت جي شعبي ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪري رهي آهي جڏهن کان ڊائو يونيورسٽي 1990ع ۾ ڊاؤ ڪلاس جي مدد سان هڪ جديد ”سيموليشن سينٽر“ قائم ڪيو ويو آهي جيڪو صحت جي ماهرن، خاص طور تي نون ڄاول ٻارن  جي مريض کي نقصان پهچڻ جي ڊپ  کانسواءِ وڌيڪ موثر طريقي سان سکڻ جوڳو بڻائيندو. سيد مراد علي شاهه چيو ته صحت جون خدمتون ڏيندڙ ماهرن کي بهتر ۽ موثر خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ تعليم ۽ تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته هنر جي سکيا صحت جي ماهرن جي تربيت جو هڪ لازمي حصو آهي. صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو، ڊائو يونيورسٽي جي وي سي سعيد قريشي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪورونا جا ڪيس تيزي سان پکڙجڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته اسان وٽ پهرين جنوري 2022 تي 300 ڪيس ۽ 22 جنوري 2022 تي 2289 ڪيس هئا جنهن جو مطلب آهي ته 12 ڏينهن ۾ اٽڪل 2000 ڪيسن جو اضافو ٿيو آهي.  هن وڌيڪ چيو ته اومي ڪرون به تيزيءَ سان ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ اسان وٽ 331 ڪيس آهن جن مان 3 حيدرآباد جا آهن.  هڪ سوال جي جواب ۾ سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪيسن جو انگ وڌڻ باوجود صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي.،اسان جي صحت جون سهولتون دٻاءُ هيٺ نه آهن تنهنڪري اسان لاڪ ڊائون کي لاڳو ڪرڻ جي رٿابندي نه ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته سندس حڪومت لاڪ ڊائون يا اسڪولن کي بند ڪرڻ بابت اين سي او سي جي فيصلن تي عمل ڪندي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.