صحت کاتي جو انڪار، جناح اسپتال پاران ڊاڪٽرن جي پوسٽ گريجوئيٽ تربيت جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) جناح اسپتال ڪراچي پنهنجي بجيٽ مان بچت ٿيل رقم سان هلندڙ سال 100 ڊاڪٽرن جي  پوسٽ گريجوئيٽ ٽريننگ ڪرائيندي. ٽريننگ جي منظوري لاءِ نوٽيفڪيشن جاري. تفصيل موجب جناح اسپتال ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊاڪٽرن جي کوٽ سبب جناح اسپتال جي ڊائريڪٽر شاهد رسول صحٽ کاتي کي تجويز ڏني هئي ته پوسٽ گريجوئيٽ جي ٽريننگ شروع ڪرائي وڃي ته جيئن جناح اسپتال ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊاڪٽرن جي گهٽتائي کي پورو ڪري سگهجي. ان ڏس ۾ ڊائريڪٽر جناح اسپتال ڪراچي  4 جنوري 2021 تي صحت کاتي کي هڪ ليٽر ذريعي تجويز ڏني ته جناح اسپتال وٽ 170 ڊاڪٽرن جي ٽريننگ جي گنجائش آهي ٽريننگ جا خرچ جناح اسپتال وٽ 30 جون 2022 جي  بجيٽ ۾ اضافي بچت ٿيل رقم مان خرچ ڪري سگهي ٿي.. ان ڏس ۾ ڏنل  تجويز کي صحت کاتي جنوري 2022ع جي سيشن لاءِ پوسٽ گريجوئيٽ ٽريننگ لاءِ اضافي 100 ڊاڪٽرن جي راضپي منظوري ڏئي ڇڏي . ٻي طرف ليٽر ۾ اهيو پڻ ڄاڻايو ويو ته  ان  مقصد لاءِ ڪو به اضافي فنڊ صحت کاتي پاران  فراهم نه ڪيو ويندو. موجوده مالي سال 2021-22 دوران سمورو خرچ جي پي ايم سي ڪراچي جي بجيٽ مقرر ڪيل مجموعي بچت مان ئي پورو ڪندي، ان سلسلي ۾ ڪالهه جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي پنجن سالن واري ڊاڪٽر آف فزيڪل تھيراپي پروگرام ۾ داخلا لاءِ 1200 اميدوارن امتحان ڏنو. ڊائريڪٽر ايڊميشن ڊاڪٽر فاطمہ عابد موجب ھزارين درخواستون مليون ھيون جنھن مان 1200 اميدوارن کي جاچ ڪرڻ کان پوءِ ٽيسٽ لاءِ گھرايو ويو آهي. پروگرام جي ڪل سيٽن مان 90 اوپن ميرٽ ۽ 10 سيلف فنانس تي آھن. قائم مقام وائيس چانسلر پروفيسر شاھد رسول ھن موقعي تي امتحان واري جڳھن ۾ ايس او پيز کي يقيني بڻائڻ ۽ نتيجن ۾ شفافيت کي برقرار رکڻ لاءِ ھدايت ڪئي.

  •  ڊاڪٽرن جي کوٽ سبب ئي مون  صحٽ کاتي کي مسلسل آگاهي ڏني: ڊائريڪٽر شاهد رسول 

ڪراچي:  جناح اسپتال ڪراچي  ۾ سڄي پاڪستان کان  مريض علاج لاءِ ايندا آهن ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ سبب مريض پريشان ٿيڻ واري سوال تي جناح اسپتال ڪراچي جي ڊائريڪٽر شاهد رسول  عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته  ڊاڪٽرن جي کوٽ سبب ئي مون  صحٽ کاتي کي مسلسل آگاهي ڏني ته پوسٽ گريجوئيٽ جي ٽريننگ شروع ڪرائي وڃي ته جيئن جناح اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ کي پورو ڪري سگهجي ٿي. ڊاڪٽرن جي مسلسل کوٽ سبب آخر  مون ئي صحت کاتي کي تجويز ڏني ته اسان وٽ 170 ڊاڪٽرن جي ٽريننگ جي گنجائش آهي ۽ جناح اسپتال هلندڙ سال جي بجيٽ ۾ اضافي رهيل پئسا 30 جون تائين  جناح اسپتال  ٽريننگ تي خرچ ڪري سگهي ٿي پوءِ اهڙي  تجويز کي  صحٽ کاتي منظور ڪري نوٽيفيڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. ڊائريڪٽر شاهد رسول وڌيڪ ٻڌايو  ته صحت کاتو 30 جون 2022 کانپوءِ ايندڙ بجيٽ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ٽريننگ لاءِ بجيٽ رکڻ ۾ رضامندي ڏيکاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.