تاريخي عمارتن کي محفوظ نه ٿا رکي سگهو، ڇا اهي ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيون؟! چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو/ م ڊ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته پختونخواهه جي اسپتالن ۾ عام شهرين جي لاءِ ڪابه سهوليت موجود ناهي مون کي خطرو لڳي /رهيو آهي ته جلد ڪي پي ڪي جون اسپتالون فائيو اسٽار هوٽلون بڻجي وينديون، ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ اقليتن جي عبادتگاهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جو چيئرمين، چيف سيڪريٽري ڪي پي ڪي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ ايم اين اي رميش ڪمار عدالت کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ڌرم شالا جي زمين تي ڪمرشل پلازا تعمير ڪيو پيو وڃي، ان تي اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي چيئرمين چيو ته ڌرم شالا قديمي هو ۽ زمين وقف ٿيل آهي ان تي اڏاوت ٿي سگهي ٿي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڇا اهڙي طرح جون سموريون عمارتون ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيون؟ 1932 کان قائم ڌرم شالا اوهان اصل حالت ۾ محفوظ نه ٿا رکي سگهو، چيئرمين صاحب! اوهان پنهنجي ذميوارين کان ڀڄي نٿا سگهو. لاهور جي جين مندر ۽ بليو ڊوم واري معاملي تي ايف آءِ اي ڪهڙي ڪارروائي ڪئي؟ عدالت ايف آءِ اي کي ڪراچي ۾ ڌرم شالا جي زمين تي قبضي جو ڪيس ۽ شاهديون پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ايف آءِ اي ماڻهن کي حراسان نه ڪري، ماڻهن کي ايف آءِ اي کان ڊپ نه ڪرڻ گهرجي ته هي کڻي ويندا، ايف آءِ اي جاچ جي نالي تي ڄار وڇائيندو آهي ته ڪيتريون مڇيون وچ ۾ اينديون، سمورو ملڪ ان حرڪتن سبب بدامني جو شڪار آهي، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ايتري وڏو ڪرتارپور راهداري ٺاهيو پيو وڃي، باقي ملڪ ۾ به اقليتن جون عبادتگاهون آهن، رميش ڪمار چيو ته ڪي پي ڪي جي سرڪاري اسپتالن ۾ اقليتن لاءِ ڪي به سهولتون ناهن، جنهن تي چيف جسٽس ڪي پي جي چيف سيڪريٽري کي روسٽرم تي طلب ڪندي پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان ڪي پي جي سرڪاري اسپتالن جو دورو ڪيو آهي؟ جنهن تي چيف سيڪريٽري چيو ته هڪ اسپتال جو دورو ڪيو جنهن ۾ سموريون طبي سهولتون موجود هيون، جسٽس گلزا احمد چيو ته اوهان کي اهو بيان ڏيڻ سونهي نٿو، اوهان جي لاءِ ته هر جڳهه تي سهولتون موجود آهن، پختونخواهه جي اسپتالن ۾ عام شهرين جي لاءِ ڪابه سهوليت ناهي، مون کي خطرو لڳي رهيو آهي ته جلد ڪي پي ڪي جي اسپتال فائيو اسٽار هوٽلز بڻجي وينديون، عدالت چيف سيڪريٽري خيبرپختونخواهه کي صوبي جي سمورين سرڪاري اسپتالن بابت تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.