ڪراچي مان ڪالعدم جندالله القاعده جو گهربل دهشتگرد گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي سي ٽي ڊي ۽ حساس ادارن گڏيل ڪارروائي ڪندي انتهائي گهربل دهشتگرد ڪاشف علي عرف شاهين کي گرفتار ڪري ورتو  آهي، سي ٽي ڊي پوليس انچارچ عمر خطاب موجب موجب جوابدار جو تعلق ڪالعدم جندالله القاعدہ سان آهي،  گرفتار جوابدار سال 2004 ۾ ڪراچي ڪور ڪمانڊر جي حملي ۾ ملوث جوابدارن جو ساٿي آهي، جيڪو حملي کان پوءِ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ روپوش رهڻ کان پوءِ ڪافي عرصي کان راولپنڊي ۾ روپوش هو جنهن کي انٽيليجنس جي بنياد تي ڪراچي پهچڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار جوابدار کان اسلحو، ايمونيشن ۽ اهم دستاويزات برآمد ڪيا ويا آهن،گرفتار دهشتگرد ڪراچي ۾ سليپر سيل هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوم گرفتار دهشتگرد ڪافي انڪشاف ڪيا آهن جوابدار جو ريڊ بوڪ جي ايڊيشن 9 نمبر  صفحو نمبر 77 تي نالو داخل ٿيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.