ٽنڊي الهيار ۾منشيات خلاف ڪارروايون، کيسانا موري سانحي جو ڪيس داخل

ٽنڊوالهيار( رپورٽ: خميسو دائوداڻي )ٺرو واپرائڻ سبب اٺ جانيون ضايع ٿيڻ واري سانحي جو ڪيس ٽنڊي الهيار جي اي سيڪشن ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ ايس آءِ پي عبدالوهاب ٿيٻو جي فرياد تي بچل مگسي ۽ قائم مگسي تي داخل ڪيو ويو، ايف آءِ آر  ۾ڄاڻايو ويو آهي  پريمون ڀيل، شاهنواز بلوچ، عادل شيخ، مشتاق ٽالپر، ڏيالو ڪولهي، لکيو ڪولهي، جئي مل ڪولهي، جمون ڀيل، نظام بلوچ ۽ ٻيا زهريلو ٺرو واپرائڻ سبب فوت ٿيا. فوت ٿيندڙن جي وارثن پاران ڪيس داخل نه ڪرايو ويو نه ئي پوسٽ مارٽم ڪرايو جنهن ڪري سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو ، هوڏانهن پوليس خانزادہ ڪالوني ۽ ريلوي اسٽيشن واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري وڏي تعداد ۾ شراب جون بوتلون هٿ ڪري انور ولد يوسف کي گرفتار ڪري آهي، جڏهن ته اسٽيشن واري علائقي ۾ ڇاپي ھڻڻ دوران منشيات فروش فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جتان پوليس 80 کان مٿي شراب جون بوتلون ھٿ ڪيون ويون، ٻي پاسي بڪيراشريف پوليس ڳوٺ جمع خان لڳ ھڪ جاءِ تي ڇاپو هڻي 60 ليٽر ٺرو ھٿ ڪري ھڪ شخص علي گل ولد غلام مصطفيٰ کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي،  سيڪشن ٿاڻي جي پوليس  ڳوٺ حاجي مير بحر ۾ شراب جي بٺي تي ڇاپو ھڻي سجاد ملاح ۽ ڦل ملاح کي گرفتار ڪيو، ايڪسائيز پوليس ٽنڊوالھيار چمبڙ روڊ تي واقع يونين پاڪ سنگھار ويجهو ھڪ جاءِ تي ڇاپو هڻي مصري ولد علڻ ڀيل کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 120 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ سندس خلاف ڪيس داخل ڪري جيل روانو ڪيوويو، واضح رهي ته ٽنڊوالھيار کيسانه موري ۾ زھريلو شراب واپرائڻ سبب 13 کان مٿي جانيون ضايع ٿيڻ کان پوءِ پوليس منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.