پاڻي فراهمي سميت ٿر جي ٻين مسئلن جي حل لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)ڪارونجهر سميت ٿر جي اهم مسئلن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل،خبرموجب:ٿرپارڪر بار ايسوسيئشن جي صدر وڪيل وسند ٿري ۽ جنرل سيڪريٽري فقير منور ساگر پاران ٿر جي سمورن اهم مسئلن خلاف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اسلام آباد ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي،جنهن ۾ ٿر جي صحت،تعليم،پيئڻ جي صاف پاڻي،ڪارونجهر سميت اهم مسئلا شامل ڪيا ويا آهن،داخل ڪرايل پٽيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٿر ڪول سميت معدنيات جي رائلٽي ٿرفائونڊيش کي ڏين بجا ضلعي انتظاميا کي سپريم ڪورٽ جي ٿيل حڪم تي عمل ڪندي ڏيڻ گهرجي،ٿر جي آرو پلانٽ  کي ٺيڪ ڪري پاڻي جو مسئلو مستقبل بنيادن تي حل ڪيو وڃي،ڪارونجهر ڪٽڻ جون سموريون ليزون رد ڪري ڪارونجهر کي ورلڊ هيريٽيج طور ڊڪليئر ڪيو وڃي،ٿر ۾ ميڊيڪل ڪاليج ڏيڻ سان گڏ هڪ اهڙو اهڙو اسپتال قائم ڪيو وڃي جتي هر مريض جو علاج ٿي سگهي ڪو به مريض ريفر نه ٿي سگهي،ٿر جي سموري زمين سروي ڪري مالڪاڻا حق ڏنا وڃن ۽ رڪارڊ محفوظ ڪيو وڃي،ٿر ۾ وڻن جي واڍي بند ڪري ٿر کي گئس فراهمي يقيني بڻايو،ٿر ۾ ٽوئرزم کي هٿي ڏياري وڃي،ٿر جي لائيو اسٽاڪ کي بچائڻ لاءِ جامع پاليسي جوڙي وڃي،ٿر جي هينڊي ڪرافٽ کي عالمي سطح تي پرموٽ ڪرڻ لاءِ فيڪٽريون قائم ڪيون وڃن،داخل ڪرايل پٽيشن موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ٿر جي ڪوئلي جي رائلٽي ٿر فائونڊشن بدران ڊي سي،سيشن جج ۽ وڪيلن تي مشتمل ڪميٽي معرفت ٿر جي حقيقي ترقي تي خرچ ڪئي وڃي ۽ ٿر ڪول ايريا ۾ ايندڙ زمين ڀڳڙن مٺ عيوض خريدڻ بدران ليز تي ورتي وڃي ۽ زمين جي مالڪن جو مالڪي وارو حق برقرار رکيو وڃي،ڪارونجهر جبل قومي ۽ قديمي اثاثو آھي،جنهن جون ليزون ڏيئي ڪٽائي جو ڪم جاري آھي،جنهن سان نه رڳو فطرت جي حسين نظاري ۽ مزاحمتي مورچي ڪارونجهر جبل جو وجود خطري ۾ آھي پر مقامي آبادي جي روزگار ۽ مذھبي ۽ ڌرمي عقيدا سخت متاثر ٿي رهيا آھن تنهن ڪري ڪارونجهر جي ڀٿر جي ڪٽائي ڦورن بند ڪرائي ڪارونجهر کي انٽرنيشنل هيريٽيج ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ قومي قديمي ورثو ڊڪليئر ڪيو وڃي،ٿر جي چوپائي مال جي چراگاهن تي بااثرن جا قبضا آھن،جيڪي خالي ڪرائي چوپائي مال ۽ جهنگلي جيوت جي چراگاهن کي محفوظ بڻايو وڃي،ٿر جي زمين جي سٽي سروي نه ٿيڻ ڪري عوام دربدر بڻيل آھي ٿر جي شھرن توڙي زمين جي سٽي سروي ڪرائي عوام کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن،ٿر ۾ علاج جون سهوليتون نه هئڻ جي برابر آھن جنهن ڪري ٻارن توڙي ٿري عورتن ۽ مردن جي موت جا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آھن تنهن ڪري ٿر کي ميڊيڪل يونيورسٽي ڏني وڃي ۽ ٿر ۾ هڪ اهڙي وسيع اسپتال قائم ڪئي وڃي جنهن ۾ علاج جي هر سهوليت موجود هجي ۽ ڪنهن به مريض کي ڪراچي يا حيدرآباد ريفر ڪرڻ جي ضرورت نه پوي،ٿر ڪول ايريا ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين کي مقامي نوجوانن جي روزگار لاءِ پابند بڻايو وڃي ۽ ٿر جي تفريحي ماڳن تي بنيادي سهوليتون فراهم ڪيون وڃن،ٿر جي اينيمي ۽ اويڪي پراپرٽيز جي نيڪالي لاءِ ڪميٽي جوڙي ۽ اها زمين حقدارن کي ڏني وڃي،ٿر جا اڪثر اسڪول بند پيل آھن نياڻين جي تعليم نه هئڻ جي برابر آھي ٿر جي اسڪولن ۾ استاد عملو مقرر ڪرڻ سان گڏ اسڪولن ۾ بنيادي سهوليتون فراهم ڪيون وڃن.

  • روڊن جي پاسن کان بيٺل وڻ حادثن جو سبب بڻيل

ڪلوئي تعلقي جي مختلف روڊن تي مقرر بيلدار ڪيتري وقت کان ويزا تي ويل ديويون روڊ تي هئڻ ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل روڊس کاتي پاران ڪڏهن به روڊ جي سار سنڀال لهڻ جي زحمت نه ڪئي جڏهن ته گذريل ڪھجه سالن اندر ٿر ڪول سميت مختلف لنڪ روڊن تي درجن کن ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن پر مجال آهي جو روڊس کاتي ڪڏهن روڊ جي بيلدار کي ڊيوٽي جو پابند بڻائڻ جي زحمت ڪئي هجي.

  • روڊن جي زبون حالي سبب گاڏين جا ٽائر ۽ ٻيا پرزا ٽٽي وڃن ٿا:ٽرانسپورٽر

ڪلوئي:ٿرپارڪر ۾ روڊن جو ڄار ارباب غلام رحيم وڇايو جنهن جي مرمت نه ٿيڻ ڪري ڪروڙين رپين جا روڊ رستا ٽٽي تباهه ٿي ويا آهن جڏهن ته هتي جي مقامي ٽرانسپورٽرن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته روڊ ٽٽل هئڻ ڪري منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ طئي ٿئي ٿو ۽ جنهن ڪري اسان جي گاڏين جا ٽائر ٽٽي وڃن ٿا ۽ اسان کي وڏو نقصان ٿئي ٿو.

  • ڪلوئي تعلقي جا ايم پي اي ارباب لطف ۽ سريندر ولاسائي به روڊ ٺهرائڻ ۾ ناڪام

ڪلوئي:ڪلوئي تعلقي جا ٻه ايم پي ايز هئڻ باوجود روڊن جي حالت ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي جڏهن ته ٻه ايم پي اي ارباب لطف الله ۽ سريندر ولاسائي هئڻ باوجود روڊن جي تعمير نه ٿي جنهن ڪري ڪلوئي کي مختلف علائقن سان ملائيندڙ روڊ هنڌان هنڌان ٽٽي تباهه ٿي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.