ڦل شهر لڳ ڀلوڙ نسل جون مينهون چوري

ڀرياسٽي (ن ع آ  ) گذريل رات ڦل شهر لڳ ڳوٺ مسڪين آرائين مان اڻڄاتل چور ڳوٺاڻي عبدالغفار آرائين جي گھر مان رات دير سان لکين ماليت جي ڀلوڙ نسل جي مينهن چوري ڪري ڪاهي ويا. جڏهن ته ڀاڳين جي سجاڳ ٿيڻ بعد سوين ڳوٺاڻا پيرين جي مدد سان چورن جا پيرا کڻي پويان روانا ، جڏهن ته ڀاڳين پاران چورن جا پيرا ڀرياسٽي لڳ ڳوٺ شيرو ڏاهري پهتا. جتي چورن جا پيرا گم ٿي ويا. جڏهن ته آخري اطلاعن تائين چورن ۽ مينهن جي ڪابه خبر نه پئجي سگھي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.