سنجهوري ۾ منشيات فروش، ذخيرا اندوزي ۽ وياج خوري خلاف ريلي

سنجھورو  (رپورٽ:منصور لغاري)منشيات ذخريرا  اندوزي وياج خوري ۽ مختلف سماجي برائين خلاف سنڌ پاڪ تحريڪ طرفان سنجھورو ۾ ريلي  ڪڍي وئي. ريلي شھيد سوريھ بادشاھ پارڪ کان شھر جو گشت ڪندي پريس ڪلب سنجھورو پھتي. ريلي کي خطاب سانگھڙ  بارڪائونسل جي صدر اڳوڻي ايم پي اي سعيد خان نظاماڻي چيو ته سنڌ پاڪ تحريڪ خالص انسانيت لاء آهي  جنهن ۾ ھر برائي خلاف عوام ۾ جاگرتا پکيڙي رھي آهي سنڌ پاڪ تحريڪ جو اڳواڻ شاھجھان جوڻينجي جيڪا تنظيم ٺاھي آهي اھا عوام کي سجاگ ڪرڻ لاء آهي جنهن سان اسان ھر موڙ تي گڏ آھيون اسانجي بار ڪائونسل ھر حال سندس ساٿ آهي. منشات خلاف سندس ان تحريڪ جي ھن وقت اسان جي شديد ضرورت ھئي. سنڌ پاڪ تحريڪ جي اڳواڻ حاجي انور علي ٿھيم چيو ته منشيات ھڪ زھر قاتل آهي جيڪا ھن وقت اسانجي شھرن ۾ سري عام ملي رھي آھي جنهن کي بند ڪيو وڃي ۽ ذخريرا  اندوزي سان شين جا اگھ آسمان تي پھچي ويا آهن جنهن سبب غريب عوامـعام ضرورت جون شيون وٺڻ کان قاصر آهي.  پريس ڪلب سنجھورو  جي صدر محبت علي مڱريو چيو ته منشيات اسان جي نوجوانن کي مفلوج ڪري رھي آهي اسانجي مستقبل جي ميمارن جي ھٿ ۾ منشيات بدران ڪتاب ھجڻ گھرجن اسانجي سنڌ جي نوجوانن کي ھٿ وٺي منشيات جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو پيو وڃي نوجوان اسانجي مستقبل جو سرمايو آھن ۽ سنڌ جو مستقبل پڙھيل لکيل نوجوان جي ھٿ ۾ ھجڻ گھرجي نه ڪي منشيات واپرائيندڙ جي ھٿ ۾ ھجن تعليم ۽ شعور اسانجي مستقبل جي  نوجوانن لاء تمام ضروري آهي ـ  سنڌ پاڪ تحريڪ جي سرواڻ شاھجاھ جوڻينجو ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته اسانجي معاشري کي جوا وياج منشيات اڏوھي جيان کاھي رھي آهي جنهن کي اگر ٻنجو نه ڏنو ويو ته اسانجا ايندڙ نسل ھن باھ ۾ سڙي خاڪ ٿي ويندا.  منشيات شھرن ۾ وکر جيئان وڪامي رھيو آهي ۽ اسانجا نوجوان نسل منشيات کي خوراڪ جيئان واپرائي پنهنجي زندگي تباھ ڪري رھيا آھن منشيات سبب ڪينسر ھر گھر ۾ عام ٿي ويو آهي جڏھن ته غربت سبب ماڻهو مھانگو علاج ڪرڻ کان لاچار آهن ۽ پنهنجن پيارن کي تڪليف ۾ ڏسي خاندانن جا خاندان ازيت واري زندگي گھاري رھيا آهن ـ ھن وڌيڪ چيو ته جڏهن ٻوڏ يا ٻي ڪا قدرتي آفت ايندي آهي ته آرمي کي مدد لاء گھرايو ويندو آھي آئون پاڪ آرمي کي اپيل ٿو ڪريان ته اسانجا نوجوان منشات سبب ٻوڏ ۾ ٻڏي رھيا آهن انهن کي بچايو وڃي ۽ جيڪي پوليس جا ايماندار آفيسر سائيڊ پوسٽن تي ويٺا آهن انهن کي ڊيوٽين تي مقرر ڪيو وڃي ته جئين اھي انهن سماجي مسئلن کي پنهنجي مھارت سان منهن ڏئي سگھن ھن ذخيرھ  اندوزي بابت چيو ته اسان وٽ ھن وقت بلڪ مارڪيٽ ھلي رھي آهي ان مثال يوريا ڀاڻ بلڪ مارڪيٽ ٿيڻ سبب ھڪ ھزار رپيه في ٻوري تي مٿي ملي رھيو آهي جنهن سبب اسانجا آبادگار تمام گھڻي مشڪلات جو شڪار آهن وياجي خوري اسانجي معاشري جو ناسور بڻجي چڪي آهي بيوس ۽ لاچار ماڻھن جي بيوسي جو فائدو کڻندي سرمائيدار ٿوري رقم عيوض ڳرو وجاج وصول ڪري رھيا آھن جنهن جو ڪو به تدارڪ نه ٿي رھيو آهي سماجي برايون اسانجي معاشري کي پوري طرح وڪوڙي ويون آھن اسان نوجوانن ۽ عام ماڻهن ۾ جاڳائڻ لاء نڪتا آھيون اسانجي عوام ۾ شعور ايندو ته اھي پنهنجي حقن جي حاصلات لاء ڳالھائي سگھندا ـ  ريلي کي ٻين مذھبي تنظيم جي اڳواڻ قاري عمر سياسي سماجي اڳواڻ نبي بخش لغارياڳواڻ اعجاز ميتلو صحافي جان محمد ابڙو لغاري اتحاد  اڳواڻ عبدالحد لغاري ۽ ٻين خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.