سکر بئراج گيٽ نمبر 23 ۾ کڏو، هر قسم جي ٽريفڪ تي پابندي

سکر ( رپورٽ:اظهر علي دايو) سکر بئراج جي اپ اسٽرييم سال 2004 کان پوءِ  گيٽ نمبر 23 آڏو  گھرو  کڏو نمودار ٿيڻ جو انڪشاف آبپاشيءَ کاتي پاران سکر بئراج تان ھر قسم جي ٽرئفڪ جي آمدورفت تي پابندي ھڻي ڇڏي آھي ۽ تڪليف لاءِ معذرت ڪندي بورڊ ھڻي ڄاڻايو ويو آھي ته گيٽن جي تبديلي سبب سکر بئراج سموري ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آھي.ٻئي طرف سکر بئراج تي ايمرجنسي لاڳو ڪري هنگامي بنيادن تي نمودار ٿيل کڏي ۾ پھاڙن جي پٿرن کي بئراج جي ڪرين ذريعي ڀرڻ لاءِ ڏھاڙي وارن مزدورن جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون ان ڏس ۾ سکر بئراج تي مقرر عملدارن پنھنجو نالو ظاھر نه ڪرڻ جي شرط تي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪندي چيو ته بئراج جي گيٽن جي سالياني صفائي بيراج جا سمورا گيٽ پاڻي مان مٿي ڪيا ويا ھئا جيئن اپ اسٽريم وارو پاڻي ڊائون اسٽريم ۾ ھليو وڃي . اپ اسٽريم ۾ گيٽ نمبر 23 آڏو وڏو کڏو ظاھر ٿي ويو جنھن جي گھرائي فرش کان 35 فوٽن کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي جنھن سبب گيٽ نمبر 23 جي بنيادن ھيٺان پاڻي رستو ٺاھي ڊائون اسٽريم تائين پھچي ويو آھي سکر بئراج جي اسٽريڪچر بابت ڄاڻ رکندڙ ھڪ رٽائرڊ ۽ حاضر سروس عملدار موجب گذريل ڏهاڪن کان بئراج جي گيٽن ۽ فرشن جي صفائي۽ مرمت قاعدن ۽ ظابطن جي ابتڙ ٿيندي پئي اچي جنھن سبب سکر بئراج جي ڄمار 20 سال گھٽجي وئي سکر بئراج جي زميني حقيقتن جي ابتڙ ڪاغذن جو پيٽ ڀري ھر سال سالياني ڪلوزر جي مد 15 ڪروڙ روپين کان وڏيڪ رقم ۾ مالي بيقاعدي گيون ڪيون وڃن ٿيون ان ڏس۾ جڏھن چيف انجنئر سکر بئراج سان رابطو ڪيو ويو پر موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي

  • سکر پوليس گم ٿيل ٻارڙن کي  وارثن سان ملائي ڇڏيو

سکر(رپورٽر) سکر پوليس پاران تعريف جوڳو ڪارنامو، گم ٿيل معصوم ٻارڙن کي والدين سان ملائي ڇڏيو، ايس ايس پي پاران سکر پوليس کي شاباشي، خبر موجب: ايس  ايس پي سکر عرفان علي سمون جي هدايت تي ايس ايڇ او قادرپور اعجاز جکراڻي حد ۾ ٻارن جي تلاش دوران گم ٿيل 7 سالن جي افسا، 4 سالن جي زهراه ۽ 5 سالن جي خالد کي هٿ ڪري والد عبدالحئي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ياد رهي ته گم ٿيل ٻارن جي والدين نيون پنڊ ٿاڻي تي ٻارن جي گم ٿيڻ جي اطلاع ڏني هئي جنهن کانپوءِ ايس ايس پي سکر جي هدايت تي پوليس ڪاروائي ڪندي ٻارن کي هٿ ڪري والدين حوالي ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ ٻارڙن جي والدين پاران ايس ايس پي سکر جو شڪريو ادا ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.