باگو ڀٽو لڳ صحافي جي گهر تي ڪاهه، گهر ڀاتي يرغمال، ڌمڪيون

باگو ڀٽو (رپورٽ :اجيت ڪمار ) باگو ڀٽو جي  جونگ ڪالوني ۾ واپڊا سيپڪو جي ملي ڀڳت سان پرائيويٽ ماڻھو بجلي چوري جا ڪنڊا ڪنيڪشن لڳائڻ جو  اطلاع ملڻ تي ايوان صحافت پريس ڪلب ڏهرڪي  کان سينيئر صحافين جي ٽيم جنھن ۾ علي نواز علوي، ادريس احمد ٻرڙو، سجاد حسين منگي جونگ ڪالوني ڏھرڪي ۾ واپڊا سيپڪو جي لڳايل ٽرانسفرمر مان بجلي چوري جا ڊاريڪٽ ڪنڊا ڪنيڪشن لڳائي ڏيندڙ اياز احمد سومرو کي ثبوت سان سوگھو ڪيو ۽ واپڊا سيپڪو جي مدد سان لکين روپين جي بجلي چوري ڪرائيندڙ بااثر مافيا جي سرپرست اياز احمد سومرو ۽ ڪرپشن ۾ ملوث واپڊا سيپڪو عملي خلاف خبرون ھلائڻ تان بجلي چوري ڪرائيندڙ اياز سومرو ۽ ان جا ڀائر نياز احمد سومرو، اعجاز احمد سومرو صحافي مٿان سخت ڏمرجي پيا سجاد حسين منگي جي غير موجودگي ۾ گھر تي ڪاھ ڪري گھر ڀاتين کي ڪئي منٽن تائين يرغمال بڻائي ڌمڪيون ڏنيون ويون، صحافين  ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ايس ايڇ او ڏهرڪي کان ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.