دادو ۾ بدامني، چور دڪان مان هزارين رپين جو سامان کڻي ويا

دادو(ڊ ر) دادو شھر جي  اي  سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾  شھر جي جڙيل شاه مارڪيٽ ۾ واقع  ھڪ دڪان  جي اڻڄاتل چور ڇت ٽوڙي ھزارين روپين جي ماليت جو سامان چوري ڪيو ويو جنھن ۾  روڪ رقم  به ٻڌائي وڃي ٿي متاثر دڪنداراصغر علي ملاح رنگ واري جي دڪان مان ڇت پٽي چورن پاران رنگ ۽ روڪ رقم چوري ڪرڻ وارو مامري تي شھرين وڌندڙ بد امني تي ٿاڻي تي احتجاجي ڌرڻو ھنيو ۽ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ ايس ايس پي دادو ھٽائڻ جو مطالبو  ڪيوان  بعد  مظاھرين  اي سيڪشن  ٿاڻي  تي پھچي ٿاڻي اڳيان سخت احتجاج ڪيو ته  پوليس ٿاڻي جا گيٽ بند ڪري ڇڏيا بعد ۾ ڊي ايس پي سٽي عبدالخالق وڳڻ ٿاڻي تي پھچي دڪاندارن ۽ شھرين سان ڳالهيون ڪري پنهنجي آفيس ۾ گھرايو جنهن ۾ ڊي ايس پي سٽي چيو ته شھر ۾ شاھي بازار جي چوڪيدار سڪندر پنھور کي گرفتار ڪيو آهي جنهن کان جاچ به جاري آهي ھن وڌيڪ چيو ته شھر ۾  ھڪ چورن جو منظم  گروه آهي جيڪو مختلف وارداتون ڪري ٿو ۽ چوري ٿيل سامان ھڪ رڪشا لوڊر ذريعي کڻي وڃن ٿا  سڀنن دڪانن مان چوري ڪيل چورن جا  لاڙڪاڻي جي ٽيم کان فنگر پرنٽ ڪرايا آهن  مڪمل رپورٽ اچڻ تي ثبوت ھٿ ڪري ملوث چورن کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.