ڪوٽ ڏيجي ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو، آبادگارن جو ڌرڻو

ڪوٽڏيجي ( رپورٽ: ثناء الله بگٽي ) ڪوٽڏيجي ۾ منافعي خور ڊيلرن پاران يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري بليڪ تي وڪرو في ٻوري جو اگھ   3 هزار  رپيا مقرر ڪري ڇڏيو آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪندي جبار لاشاري، ارشاد مهراڻي ،محمد بخش، صاحب ڏنو محمد شريف، مومن علي ۽ ٻين چيو ته منافعي خور ڊيلرن يوريا ڀاڻ جا ٽرالر گهرائي پنهنجي گدامن ۾ لڪائي رات جي آندري ۾ مختلف ڳوٺن ۾ يوريا ڀاڻ کڻي وڃي ايجنٽن ذريعي بليڪ تي وڪرو ڪري رهيا آهن اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڏيجي محمد عاصم عباسي مختيار ڪار، حافظ علي نواز ڪولاچي ۽ ايگريڪلچر کاتي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر ولي محمد ڄامڙو يوريا ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف ڪارروائي بدران پنهنجي آفيسن ۾ گهرائي حصو پتي مقرر ڪري منظر عام تان غائب ٿي ويا آهن هو ملڻ لاءِ تيار ناهن اي سي ڪوٽڏيجي ۽ مختيار ڪار ڪوٽڏيجي جي آفيسن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪ جي پيا آهيون  اي سي ڪوٽڏيجي ۽ مختيار ڪار ڪوٽڏيجي رڳو من پسند ۽ بااثرن جي هارين کي يوريا ڀاڻ ڏياري رهيا آهن يوريا ڀاڻ نه ملڻ ڪري زمينون غير آباد ٿيڻ لڳيون آهن، زمين ۾ ڇٽيل ڪڻڪ ٻيو فصل تباهه ٿيڻ ڪري لکين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي  مسلسل دانھون ۽ ڪوڪو ڪرڻ باوجود غريب آبادگارن تي هنن کي ڪو رحم ئي نه ٿو اچي.  آبادگارن وڌيڪ چيو ته اي سي ڪوٽڏيجي عاصم عباسي ڊيلرن ڏانهن ڪلر لاءِ پرچون لکي ڏنا ۽ چيو ته ٻيهر مون ڏئي ڪلر لاءِ نه اچو پر ڪوٽڏيجي جا ڊيلر پرچي تي يوريا ڀاڻ ڏيڻ لاءِ تيار ناهن جيڪي چون ٿا ڪلر ناهي ايندو ته ڏينداسين اگر توهان کي ڪلر کپي ته 3 هزار رپيا في ٻوري آهي هنن چيو ته اڳ ئي مهانگائي اسان جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي مٿان وري يوريا ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ تي هجڻ ڪري  لکين رپين جو نقصان ٿيڻ ڪري واپارين جا قرضي ٿي ويا آهيو متاثرن هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس وزير اعلي سنڌ، زراعت کاتي جي صوبائي صلاحڪار منظور حسين وساڻ کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي منافعي خور ڊيلرن ۽ مختيار ڪار ڪوٽڏيجي خلاف ڪارروائي ڪري سستي اگهه تي يوريا ڀاڻ ڏياري نقصان ٿيڻ کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.