خاڻوٽ ۾ڀرسان موٽر سائيڪل ڦورو زخمي حالت ۾گرفتار

مانجهند (ن ع آ) خاڻوٺ ٿاڻي جي حد ڳوٺ سنگهار خان کوسو ۾َ جمع جي نماز دوران مسجد ٻاهران بيٺل موٽر سائيڪل مبينا چور وقار ماڇي چورائي فرار ٿي ويو  گاڏي مالڪ  رحم حسين کوسو  بروقت  موٽر سائيڪل جو پيڇو ڪيو ت تيز رفتاري سبب مانجهند ڀرسان موٽر سائيڪل جوابدار جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي ت مالڪ ۽ سندس ساٿي به پهچي جوابدار کي زخمي حالت ۾  مانجهند پوليس حوالي ڪيو پوليس جوابدار کي تعلقه اسپتال مانجهند کڻائي پهتي جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کيس سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو جڏھن ت جوابدار کي خاڻوٺ پوليس حوالي ڪيو ويو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

  • حڪمرانن  قوم کي غيرن جو غلام بڻائي ڇڏيو: محنتي

ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته حڪمرانن نوجوانن سميت سموري قوم کي مايوس ڪيو ۽ غيرن جي غلامي طرف ڌڪيو آهي، مني بجيٽ ذريعي عوام مٿان بجلي ڪيرائي وئي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ملڪ کي آءِ ايم ايف جي غلامي کان نجات ڏيارڻ لاءِ نوجوان متحد ٿي ملڪ مان غلاماڻي ۽ ظالماڻي نظام جي جڳهه تي اسلامي نظام کي نافذ ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ نڪرن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٺٽي ۾جماعت اسلامي پاران يوٿ ڪنونشن کي خطاب ڪندي ڪيو. محمد حسين محنتي چيو ته ملڪ ۽ قوم هن وقت ظالماڻي جاگيرداري نظام ۽ سرمائيداراڻي سوچ جي شاهينگن جي هٿن ۾ يرغمال بڻيل آهي جن کان نجات ۽ ترقي ۽ خوشحالي طرف وڌڻ لاءِ نوجوانن کي اڳتي اچي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ هر ضلعي ۾ وڏي انگ ۾ نوجوانن کي ميدان ۾ لاهينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.