دولتپور صفن لڳ دڪان مان چوري، صحافين جو احتجاج

دولتپورصفن ( ن  ع آ ) دولتپورصفن ڀرسان دينو مشين اسٽاپ تي پريس ڪلب دولتپورصفن جي اڳوڻي نائب صدر صحافي عابد حسين ڀٽي جي دڪان مان چوري ٿيل موبائل فونون ۽ ٻيو سامان واپس نه ڪرائڻ ۽ چور گرفتار نه ٿيڻ خلاف دولتپورصفن پريس ڪلب جي صحافين مرتضىٰ جوکيو ، محمد موسىٰ انڙ ، ولي محمد جوکيو ، مقبول احمد ڪاٺيو ، محمد علي جوکيو ، نياز انڙ ، شبير جوکيو ، غلام سرور جوڻيجو ، جي ايم لاکو ، اسلم راجپوت ، پريل انڙ ، غلام مصطفىٰ جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڪنداھ پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي ، ان موقعي تي صحافين چيو ته صحافي عابد حسين ڀٽي جي دڪان مان نامعلوم چورن دڪان ڀڃي موبائل فونون ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا ، اهڙي رپورٽ ڪنداھ ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي پر هن مهل تائين ڪنداھ پوليس ڪوبہ جوابدار گرفتار نه ٿيو آهي ، هنن وڌيڪ چيوتہ ڪنداھ پوليس جوابدارن سان مليل آهي ۽ پوليس چورن کي بچائي رهي آهي ، صحافي سان سراسر ناانصافي آهي ، هنن ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته صحافي جي چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.