ڪنڌڪوٽ ۾ڀاڻ جي کوٽ برقرار، ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر) ڪنڌڪوٽ ۾ ڀاڻ جي کوٽ برقرار هئڻ ڪري آبادگار پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن جڏهن ته ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ضلعي جي ننڊن وڏن شهرن ۾ ڀاڻ جي کوٽ برقرار هئڻ سميت  آبادگارن جو احتجاج جاري آهي.ڪنڌڪوٽ ۾ ايس ٽي پي ۽ ايس يو پي ڪارڪنن ڀاڻ جي کوٽ خلاف ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا. ايس ٽي پي ڪارڪنن گهنٽاگهر چوڪ تي بک هڙتال ڪري ضلعي انتظاميا خلاف نعري بازي ڪئي جڏهن ته ايس يو پي جي ڪارڪنن ڊي سي آفيس جي مين گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي آبادگارن سان ظلم بند ڪريو جا نعرا هنيا.ان موقعي تي دلمراد ڏاهاڻي، اڪرم باجڪاڻي، فضل سبزوئي، شاهنواز مرهٽو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ضلعي اندر هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪرڻ ۽ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪرائڻ ۾ ڊي سي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ڀاڱي ڀائيوار آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.