داد لغاري ۾ بدامني، چور گئس جا چيڪ وال کڻي ويا، ڪم رولڙي جو شڪار

داد لغاري ( رپورٽ:  امجد لغاري )داد لغاري ٿاڻي جي حد اندر بدامني جي باهه ٻري وئي، چورين جي وارداتن علائقي کي نوگو ايريا بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته گذريل رات چورن ڳوٺ حاجي عبدالرشيد لغاري مان سوئي سدرن گئس جا 20 ڳوٺن کي گئس سپلائي ڪندڙ چيڪ وال ۽ پريشر ريڊيوس اسپيڊ جو 10 لک کان مٿي ماليت جو سامان پائپن سميت ڪٽي کڻي ويا آهن، جنهن سبب ڪيترن ئي ڳوٺن ڏانهن گئس جي سپلائي جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو ۽ ڳوٺاڻا گئس جي بنيادي سهولت کان محروم بڻجي ويا، ان موقعي تي ڳوٺاڻن مولوي عبدالله لغاري، موسيٰ لغاري ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته داد لغاري ٿاڻي جي  حد ۾ گذريل ٽن مهينن کان بدامني سبب چوريون روز جو معمول بڻيل آهن،  ڳوٺ حاجي عبدالرشيد لغاري ڏانهن ايندڙ گئس جي پائپ لائين مٿان لڳل چيڪ وال ۽ پريشر ريڊيوس اسپيڊ ۽ ٻيو لکين روپين جي ماليت جو سامان چور پائپن سميت ڪٽي کڻي ويا آهن،  علائقي ۾ بدامني سبب ڪوبه ماڻهو محفوظ ڪونهي ۽ پوليس چوريون روڪڻ توڙي چورن جو پتو لڳائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، هنن چيو ٽن مهينن دوران 50 کان مٿي ٿيل چوريون پوليس واپس نه ڪرائي بدامني هٿ سان ڪرائڻ جو چٽو ثبوت ڏيئي ڇڏيو آهي هنن ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته علائقي اندر ٻريل بدامني جي باه تي ضابطو آڻي علائقي مان ٿيل چورين سميت اسان جي ڳوٺ مان چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي هن چيو ته اطلاع باوجود سوئي سدرن گئس جا عملدار توڙي داد لغاري پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي آهي هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن پوليس بدامني تي ضابطو نه آندو ۽ ٿيل چوريون واپس نه ڪرايون ته مجبور ٿي چورين جي واپسي لاءِ ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.