ٽنڊي الهيار پوليس جي 5 منشيات فروش پڪڙڻ جي دعويٰ

ٽنڊوالھيار (ڊ ر) 15 مددگار پوليس ٽنڊوالھيار وڏي نفري ساڻ ڪري ٽنڊوالھيار شھر ٽنڊوآدم روڊ تي واقع خانزادہ ڪالوني ۽ ريلوي اسٽيشن واري  علائقي ۾ ڪارروائي ڪري وڏي تعداد ۾ پاڪستاني شراب جون بوتلون ھڪ نوجوان انور ولد يوسف کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن تہ اسٽيشن واري علائقي ۾ ڇاپي ھڻڻ دوران منشيات فروش فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا،جتان پوليس 80 کان مٿي شراب جون بوتلون ھٿ ڪيون آهن جڏهن تہ ٻي پاسي بڪيراشريف پوليس بڪيراشريف لڳ ڳوٺ جمع خان لڳ ھڪ جاءِ تي ڇاپو هڻي 60 ليٽر ڪچو شراب ھٿ ڪري ھڪ شخص علي گل ولد غلام مصطفيٰ کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، ٻي پاسي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس  ڳوٺ حاجي مير بحر ۾ شراب جي بٺي تي ڇاپو ھڻي سجاد ملاح ۽ڦل ملاح کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن تہ ايڪسائيز پوليس ٽنڊوالھيار چمبڙ روڊ تي واقع يونين پاڪ سنگھار ويجهو ھڪ جاءِ تي ڇاپو هڻي ھڪ نوجوان مصري ولد علڻ ڀيل کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 120 ليٽر ڪچو شراب هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ سندس خلاف ڪيس داخل ڪري جيل روانو ڪيو، واضح رهي تہ ٽنڊوالھيار کيسانہ موري ۾ زھريلو شراب واپرائڻ سبب 13 کان مٿي جانيون ضايع ٿيڻ کان پوءِ ٽنڊوالھيار پوليس منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪري ڇڏي جڏهن تہ اصل ڏوھاري ٻرن ۾ لڪي ويا آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.