شهدادپور ڀرسان مامن ڀاڻيجيءَ کي گوليون هڻي ڇڏيون

شھدادپور (ن ع آ)  شھدادپور لڳ ڳوٺ ڪامل لغاري ۾ مامن هٿان سڌا فائر ڪري زخمي ڪيل عورت ثناء ڌي گل حسن لغاري جنهن کي  حيدر آباد اسپتال ريفر ڪيو ويو هو جنهن جي صحت سنڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي  جڏھن ته  زخمي عورت جي باري ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته ناري پنهنجي چاهيندڙ سان گهران نڪري رحيم يارخان ويل هئي راڄوڻي ڪوشش کان پوء ناري کي واپس آندو ويو خميس ڏينهن ناري جي مامن الاهي بخش لغاري مجاهد لغاري گوليون هڻي فرار ٿي ويا پوليس جو چوڻ آھي وارث نه اچڻ سبب ناري جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي  وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آھيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.