ڀرياسٽي لڳ نوجوان جو تلاءِ مان لاش نه مليو، ڳولا ڪندڙ 6 ڄڻا بيهوش

ڀرياسٽي ( ن ع آ ) ڀرياسٽي ويجھو منگو لڳ ڳوٺ صفر قزاق واسي 35 ورھين جو نوجوان جاويد قذاق  پاڻي جي تلاءَ  ۾ ڇهه ڏينھن اڳ مبينا طور ٻڏي ويو ھو، نوجوان رات جو  گهر ڀرسان مڇي جي تلاءَ ۾ مڇي مارڻ ويو ته سندس جا بند تي ڪپڙا ۽ چپل ملي پر هن مهل تائين پاڻ هٿ نه اچي نه سگهيو آهي۔  وارثن پاران ڏوٻن جي مدد سان ٻڏي ويل نوجوان جاويد قزاق جي سخت سردي ۾ ٿڌي پاڻي ۾ ڳولھا ڪندي پنج ڄڻا پرويز کرل، شمشاد کرل، ڏنو قذاق ، دلدار قذاق ۽ پرويز قذاق سخت سيءَ ۽ ٿڌي پاڻي سبب  بيهوش ٿي ويا،  ڳوٺاڻن پاران ڀريا اسپتال جي ڊاڪٽرن کي اطلاع ڏنو ويو جنهن بعد ڊاڪٽرن جي ٽيم ايمبولنس سميت  ڍنڍ تي پهچي بيهوش ٿيلن کي فورن طبي امداد فراهم ڪئي. ٻئي پاسي بيهوش ٿيل نوجوانن جي حالت سڌرنڊر ٻڌائي پئي وڃي. مبينا طور ٻڏي ويل نوجوان جي ڀاءُ ڌڻي بخش ٻڌايو ته ڀاءَ کي  ٽن  پٽن ۽  ٻن نياڻين جو اولاد آھي ۽ غربت سبب  قرضي پڻ ھيو اسان کي شڪ آھي تـه ڀاءُ  ڍنڍ ۾ نه ٻڏو  آهي شڪ آهي. ته ڀاءَ کي ڪٿي اغوا ڪري گم نه ڪيو ويو هجي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان ڀاءَ جي هر هنڌ ڳولا ڪئي آهي. جنهن جو ڪوبه ڏس پتو هن تائين نه پئجي سگھيو آهي. هن وڌيڪ ضلعي انتظاميا توڙي علائقي جي چونڊيل نمائندن کان گھر ڪندي  مطالبو ڪيو ته کين ڀاءِ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي جڏهن ته ٻئي پاسي پورهيت نوجوان جي گھر ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.