ون يونٽ تحريڪ جي ڪاميابي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ سرگرمين جو فيصلو

گلشن اقبال (ن ع آ) ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ سنڌ جي ويجھي ماضيء جي شاندار جدوجھد آھي جنھنجي نتيجي ۾ سنڌ دشمن حڪمرانن جي منصوبن کي شڪست آئي ۽ سنڌ ٻيھر دنيا جي نقشي تي نروار ٿي.ان ڪاميابيء جي گولڊن جوبلي ملھائڻ لاء جوڙيل ڪميٽيء جي ميٽنگ ٿي جنھن ۾ ھينئر کان پھرين جولاء (ون يونٽ ٽٽڻ جي ڏينھن) تائين مختلف سرگرمين ۽ پروگرامن جي خاڪي تي غور ڪيو ويو.ابتدائي طور طئ ڪيو ويو ته جيئي سنڌ محاذ طرفان ونيونٽ ٽوڙ تحريڪ جي سرواڻ سائين جي ايم سيد جي 119ھين سالگره جا 10 پروگرام گولڊن جوبليء جي حوالي سان ڪيا ويندا جڏھن ته اردو يونيورسٽيء جي بينالاقوامي معاملن واري شعبي پاران ھڪ سيمينار فبروريء جي ٻئي ھفتي ۾ منعقد ڪيو ويندو. وڌيڪ فيصلا 21 جنوري تي ٿيندڙ ميٽنگ ۾ ڪيا ويندا. ڪميٽيء جا ميمبر: عبدلخالق جوڻيجو،پروفيسر اعجاز قريشي، امان لله شيخ،ڪليم دراني،ناصر منصور،پروفيسر اصغر دشتي، پروفيسر يعقوب چانڊيو،وجي آھوجا ۽ سلما جوڻيجو.ڪميٽيء جو دائرو وڌائڻ لاء آئينده ان ۾ ٻيا ميمبر به شامل ڪيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.