پ پ ڌاري آبادڪاري ۾ سهولتڪاري پئي ڪري:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ماهه نور ملاح، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو ۽ ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته جيئن اسرائيلي حڪومت گولان جي جابلو پٽي تي 5 سالن اندر پرڏيهين جي آبادي ٻيڻ کان به وڌيڪ ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو آهي تيئن ئي عالمي سامراجي قوتن سنڌ ۾ به پرڏيهين جي آبادي ٻيڻ کان به وڌيڪ ڪري سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪري سنڌ تي مڪمل قبضو ڪري سڌو سئون ڪنٽرول ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ٻهراڙين ۾ سالن کان آباد سنڌي ڳوٺ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان بلڊوز ڪري، ڳوٺاڻن مٿان تشدد ڪري کين جبري لڏائي سنڌين کي فلسطينين جيان پنهنجي وطن ۾ ئي بي وطن ڪيو پيو وڃي. حيدرآباد جي ڳوٺ عبدالله چانگ تي بلڊرن پوليس جي سهڪار سان ڳوٺاڻن تي حملو ڪري سندن گهر ڊاهي عورتن ۽ مردن تي تشدد ڪيو ۽ پورٽ قاسم جي انتظاميا ڳوٺ محمد خان گبول سميت ڪيترن ئي ڳوٺن مٿان چڙهائي ڪري ڳوٺاڻن مٿان تشدد ڪري کين اغوا ڪري ملڪ جي قانون ۽ آئين کي ٽوڙيو آهي. پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جي سهڪار سان پرڏيهه مان آيل دهشتگرد سالن کان آباد سنڌي ماڻهن کي  جبري لڏي وڃڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن جيڪا سراسر انساني حقن جي لتاڙ آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ اسرائيل جي فتح ڪيل علائقن جيان پرڏيهي دهشتگردن کي آباد ڪري سنڌ کي بين القوامي دهشتگردن جو محفوظ ٺڪاڻو بڻايو پيو وڃي. ڪراچي بد امني ڪيس ۾ ملڪ جي سيڪيورٽي ادارن سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش ڪئي هئي ته ڪراچي ۾ 40 لکن کان وڌيڪ پرڏيهي غير قانوني طور رهن ٿا جن مان ڪيترن جا دهشتگرد گروهن سان لاڳاپا آهن جنهن تي سپريم ڪورٽ حڪم ڪيو ته سمورن پرڏيهين کي 2018ع جي اليڪشن کان اڳ ئي ڪراچي مان نيڪالي ڏئي کين پنهنجن پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪليو پر پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ جا حڪم مڃڻ بدران توهين عدالت ڪندي انهن دهشتگردن کي نيڪالي ڏيڻ بدران کين سنڌ جا جعلي شناختي ڪارڊ ۽ ڊومسيئيل ٺهرائي سنڌ جي تعليمي ادارن ۽ نوڪرين ۾ سنڌي ماڻهن کي نظرانداز ڪري پرڏيهين کي نوڪريون ۽ تعليمي ادارن ۾ داخلائون ڏئي سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪرڻ لاءِ پرڏيهي دهشتگردن کي ڇوٽ ڏئي ڇڏي. اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ جي سمورن قديمي ڳوٺن کي ڳوٺاڻا کان پئسا وٺڻ بنا رجسٽر ڪيو وڃي ۽ سنڌ جا قديمي ڳوٺ ڊاهيندڙ بلڊرن، انهن جي سرپرستي ڪندڙ مقامي جاگيردارن، ريونيو ۽ پوليس جي آفيسرن کي گرفتار ڪري مٿن قبضا گيرن ۽ دهشتگردن جي سرپرستي ڪرڻ جا ڪيس داخل ڪري کين نوڪرين تان هٽايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.