پنجاب جي آبادي وڌيڪ ڏيکاري حق غصب ڪيا ويا:رياض چانڊيو

حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ محاذ جي سربراھ رياض علي چانڊيو وائيس چيئرمين نواز شاھ جي موجودگي ۾ پارٽي جو ورچوئل اجلاس ٿي گذريو.  اجلاس ۾ رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 118 ھين سالگرھ جي جلسي جي سلسلي ۾ تيارين جو جائزو ورتو ويو اجلاس جي پڌرائي موجب 17 جنوري تي 1 بجي پارٽي قيادت سائين جي ايم سيد جي مزار تي گڏيل حاضري ڀريندي 2 بجي مزار جي پيراندي کان جلسو منقعد ڪيو ويندو ان موقعي تي رياض علي چانڊيو  چيو ته ھن ملڪ ۾ جڏھن به آدم ڳڻپ ڪئي وئي آھي ته پنجاب جي آبادي جو تعداد وڌيڪ ڏيکاري مظلوم قومن جي مالي ۽ پيداواري وسيلن تي راتاھو ھنيو ويو آھي ٻي طرف معنظم رٿابندي تحت ڌاري آبادڪاري جو سنڌ ۾ تعداد مستقل وڌائي ۽ انھنن جي آمد کي يقيني بڻائي غير سنڌي آبادي جو تعداد وڌايو پيو وڃي ۽ ڌرتي ڌڻين جي ٔحقيقي ۽ درست آدمشماري ڪرڻ لاء جنرلي حڪومت ھجي يا نام نھاد جھموري حڪومت ھجي ڪير به تيار ناھي پي ٽي آئي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم اھي سنڌين جي حق حاڪميت ختم ڪرڻ لاء تياريون ڪريو ويٺا آھن سنڌـحڪومت ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ڊوميسائيل ڏئي رھي آھي پيپلزپارٽي جي پاليسي آھي ته ڌارين کي جلد شناختي ڪارڊ ٺھي ملن ان تي تيزي سان عمل ڪيو پيو وڃي ان ڪري پ پ حڪومت پٺاڻن افغانين برمين ۽ ٻين لکين ڌارين کي ميگا رھائشي منصوبا ۽ ڪالونيون توڙي ڳوٺ ٺھرائي ڏنا آھن پ پ 14 سالن ۾ سنڌ جا قومي مفاد تين وال ڪيا آھن لکين ايڪڙ زمين تي ولار ڪئي وئي آھي ھنن جي حڪومت ۾ بک ۽ بدحالي ۾ بي پناھ اضافو ٿيو آھي  عمران جي وفاقي سرڪار سنڌ جي تباھي جا سڀ ساز ۽ سامان تيار ڪري رکيا آھن جنھن ۾ درياھ تي پنجاب جو غير قانوني قبضو آھي غير قانوني ڪئنال وھايا پيا وڃن افغانستان بارڊر کولي ڇڏيو ويو آھي ته جيئن ڌاريان سنڌ اچي سگھن ھن ٽولي وٽ سنڌ جي ترقي نه صرف تباھي جا منصوبا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.