ڀرياروڊ لڳ گرين لائن ريل سان حادثو، بوگيون لهي ويون

پڊعيدن/ڀرياروڊ/ڀرياسٽي (نمائندا)  پڊعيدن ويجھو ڪراچي کان  راولپنڊي وڃڻ واري  تيز رفتار گرين لائن ٽرين وڏي حادثي کان بچي وئي حادثي ۾ ٽرين جون2 بوگيون پٽڙي تان لھي ويون حادثو ايترو شديد ھو سيٽن۽ ڀرتن تي ويٺل مسافر جھٽڪن ۾ ھڪ ٻئي جي مٿان ڪري پيا مگر ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آھي ريلوي اختيارين موجب 2 ڪلاڪن کان پوءِ 91 مسافرن کي ٻين بوگين ۾ منتقل ڪري ٽرين کي منزل طرف روانو ڪيو ويو، جڏھن ته حادثي جي ڪري 3 ڪلوميٽرن تائين ٽريڪ متاثر ٿيو 12 ڪلاڪن جي مسلسل ڪوشش کان پوءِ  ٽريڪ بحال ڪري آمدورفت بحال ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.