ڀارتي نيوي هٿان گرفتار ٿيل ڪيٽي بندر جي 5 مهاڻن جي مالڪي نه ٿي !

ڳاڙھو (ن ع آ) ڪيٽي بندر ويجهو ڪاجر ڪريڪ وٽان هڪ هفتو اڳ ڀارتي بيوي هٿان گرفتار ٿيل ڳوٺ علي پاتڻي جي هڪ ئي گهر جي پنج مهاڻن جي آزادي لاءِ حڪومت طرفان اڃا تائين ڪي به جوڳا قدم نه کنيا ويا آهن ۽  نه وري مهاڻن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارا ڪا واهر ڪري سگهيا آهن.هوڏانهن ڳاڙهو ۾ باندي مهاڻن جي وارث عورتن احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪئي.ان موقعي تي آمنا، فاطما، سڪينا، امينا ۽ ٻين جو چوڻ هو ته هنن جو گذر سفر مڇيءَ تي آھي، هڪ هفتو اڳ سندن پيارن کي ڀارتي نيوي گرفتار ڪري وئي، جنهن سبب گهر ۾ ڪهرام متل آهي.هنن چيو ته سامونڊي پٽي ۾ ڪيترائي ادارا مهاڻن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪن پيا پر اڃا تائين هنن وٽ ڪير  به نه پهتو آھي.هنن چيو ته سندن ڪمائندڙ 5 جوان ڀارتي جيل ۾ قيد آهن،ان ڪري گهر جو چلهو اجهاڻل آھي. ٻچڙا فاقاڪشي تي مجبور آھن.هنن وفاقي حڪومت، پرڏيهي وزارت، فشريز کاتي ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان گهر ڪئي ته ڀارت ۾ قيد ٿيل مهاڻن  جي آزادي لاءِ فوري قدم کڻي سندن ٻچڙن جي سار لڌي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.