ڪوٽڏيجي لڳ نينگر سان بدفعلي ڪندڙن جون وارثن کي ڌمڪيون، خيرپور ۾احتجاج

خيرپور ( رپورٽ : شاهد نواز سيال  ) ڪوٽڏيجي تعلقي جي ڳوٺ ٽنڊو شاهه جي رهواسين  فيض محمد سومرو ، نظير احمد ، محمد عباس ، شاهه محمد سومرو ۽ ٻين خيرپور پهچي صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو  ته علائقي جي بااثر جوابدارن عبدالطيف هاليپوٽو ، منور علي ۽ ٻين زندگي اجير بڻائي ڇڏي آھي هنن ٻڌايو ته ڪجهه عرصو اڳو جوابدار ثمر عباس هاليپوٽو ، عبدالطيف ، منور علي اسان جي معصوم نينگر محمد عباس سومرو کي بدفعلي ڪئي، جنهن جو ڪيس ڪوٽڏيجي ٿاڻي تي داخل ٿيل آھي جڏهن ته جوابدار  ثمر عباس ان ڪيس ۾ جيل حوالي آهي،  جنهن تان ناراض ٿي جوابدار ڌر جا ماڻھون اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ  قتل ڪرڻ ، سخت نتيجا ڀوڳڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن، جنهن ڪري اسان جي زندگي مفلوج بڻجي وئي آھي ۽ اسان مجبور ٿي  خيرپور شھر لڏي آيا آھيون،  ڌمڪين خلاف خيرپور جي عدالت ۾ پنهنجي وڪيل معرفت پٽيشن داخل ڪرائي آھي، پر مخالفن پاران بنا جواز اسان جي رستا روڪ ڪري اسان سان وڏو ظلم ڪري رهيا آھن، ڪيسن ۾ اسان فريادي آھيون اهي به خيرپور منتقل ڪيو وڃي، چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور معاملي جو نوٽيس وٺي تحفظ ڏئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.