مبارڪپور لڳ ڪار ڪلٽي، 3 ڄڻا زخمي

مبارڪپور  ( ن ع آ ) مبارڪپور لڳ مرزا اسٽاپ وٽ ٺل ھمايون روڊ تي تيز رفتار مھراڻ ڪار جي اڳين ٽائر واري ويل جا نٽ ٽٽڻ سبب ڪار ڪلٽي ٿي پئي جنھن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا شاھ محمد عرف (لالو) چانڊيو، جاويد چانڊيو ۽ ڪار ڊرائيور  فريد احمد ٽانوري سخت زخمي ٿي پيا جن مان شاھ محمد عرف ( لالو) چانڊيو شديد زخمي ٿي پيو جنهن کي وارث علاج لاءِ حرا اسپتال سکر کڻائي ويا جتي کيس ايمرجنسي ۾ داخل ڪيو ويو ۽ سندس جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

  • سائين جي ايم سيد سنڌين کي سڃاڻپ ڏني:ايس يو پي

گلشن اقبال (ن ع آ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڪراچي ڊويزن پاران سائين جي ايم سيد جي 118 هين سالگرهه جي سلسلي ۾ ڪوٺايل اجلاس جوهر ڪامپليڪس ۾ مرڪزي نائب صدر اعجاز سامٽيو جي صدارت هيٺ ٿي گذريو جنهن ۾ ڊويزنل اڳواڻن، ضلعي توڙي تعلقن جي عهديدارن، منير مگسي، رزاق شر ،مخدوم شمس ،اختر دايو ،ڊاڪٽر علي نواز گبول،مجيب کهاوڙ ،ڀورل بليدي،فاروق ڀنگوار،سجاد ڀنگوار ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي اعجاز سامٽيو چيو ته سائين جي ايم سيد ايشيا جو سڀ کان وڏو قومپرست اڳواڻ هو جنهن مظلوم قومن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو ۽ خاص طور تي وفاق پاران سنڌ ۽ سنڌي قوم سان ٿيندڙ ناانصافين کي وائکو ڪيو ۽ هن سنڌي قوم کي الڳ قوم جي سڃاڻپ ڏني سائين جي ايم سيد سڄي حياتي سنڌي قوم لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ عملي قومي جدوجهد جي ڏوهه جيل ڀوڳيا پر رياست اڳيان گوڏا نه کوڙيا سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سن ۾ سالگرهه جي موقعي تي سن گرائونڊ تي عاليشان تقريب ڪوٺائي آهي جنهن ۾ سنڌ جا ناليوارا سياستدان، اديب، دانشور سائين کي سياسي جدوجهد عيوض ڀيٽا پيش ڪندا ڪراچي مان ايس يو پي ڪارڪن وڏي انگ شرڪت گاڏين جي قافلن سان سالگرهه ۾ شرڪت ڪري خراج عقيدت پيش ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.