خيرپور عدالت پاران کنڀي گم ڪيل ڳوٺاڻي کي پيش ڪرڻ جو حڪم

خيرپور (س ر) خيرپور جي سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت تعلقه فيض گنج جي ڳوٺ علي نواز شر جي رهواسي غلام مصطفيٰ شر جي  داخل ڪرايل درخواست تي ڪاروائي ڪندي ايس ايس پي خيرپور، ڊي ايس پي ميرواهه فدا حسين اعواڻ، فيض گنج ٿاڻي جي ايس ايڇ او بشير احمد ڀيو ۽ اي ايس آءِ الاهي بخش شر خلاف ليٽر جاري ڪندي کين ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته 8 جنوري 2022 تي مبينيٰ پوليس هٿان کنڀيل غلام عمر شر جي ڀاءُ غلام مصطفيٰ شر طرفان عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي الزام مڙهيو هيو ته پوليس آفيسرن سندس جي ڀاءُ غلام عمر شر کي 8 جنوري تي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي جنهن کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي. عدالت ان داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي دوران ناحق باندي بڻايل کي پوليس طرفان عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ تي ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين کي ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.