جيڪب آباد ۾ ڀاڻ کڻڻ تان جهيڙو، 2 جوابدار گرفتار

جيڪب آباد ( ڊ ر) جيڪب آباد ۾ ڇاپي دوران هٿ ڪيل يوريا ڀاڻ ڊي سي آفيس اندر ستين فارم ذريعي ڪوٽا تحت آبادگارن کي وڪرو ڪرڻ دوران نامعلوم جوابدارن زوري ڀاڻ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته جهيڙو ٿي پيو.ان موقعي تي  اي سي فون ڪري سول لائين پوليس کي گهرائي ورتو، پوليس ٻن جوابدارن داد پور جاگير جي رهواسي علي حسن جکراڻي ۽ نوازو جاگير جي رهواسي عبدالزاق جکراڻي کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته ٻيا  جوابدار موقعي تان کسڪي ويا. هوڏانهن پوليس سرڪاري ليٽر جي بنياد تي سرڪاري فرياد تي گرفتار ٻن نامزد جوابدارن ۽ 20 نامعلوم جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.