لاڙڪاڻي ۾ اغوا ٿيل ناري آزاد نه ٿي، امڙ ۽ وارثن عورتن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ رشيد وڳڻ جي حد مان 9 مهينا اڳ مبينا مبينا اغوا ٿي ويل ڳوٺ ابراهيم ڪلهوڙو واسڻ نوجوان ناري صائمه  شيخ جي بازيابيءَ لاءِ سندس وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ناري جي امڙ سلميٰ خاتون شيخ پنهنجي پيرسن امڙ نورجهان، ڀاءُ عاشق علي شيخ ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته 9 مهينا اڳ ڳوٺ حسو جتوئي واسي بااثر معشوق جتوئي پنهنجي ساٿين سان گڏجي منهنجي 16 سالن جي نوجوان ڌيءَ صائمه شيخ کي اغوا ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو اهڙي واقعي جو اطلاع مون حد جي رشيد وڳڻ ۽ ڪنگا ٿاڻن سميت ايس ايس پي آفيس وارن کي ڏئي کين شڪايت ڪرڻ سان گڏ پنهنجي برادري جي چڱن مڙسن وٽ وئي هيس پر 9 مهينا گذرڻ جي باوجود منهنجي ڌيءُ جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هن چيو ته اغوا ۾ ملوث بااثر معشوق جتوئي پئسي وارو آهي جنهن کي بااثر سياسي ماڻهن جي پٺڀرائي حاصل آهي جنهن ڪري 9 مهينا گذرڻ جي باوجود پوليس سندس خلاف ڪاروائي لاءِ تيار ناهي خبر ناهي ته هن وقت منهنجي ڌيءَ ڪهڙي حال هوندي آهي سندس جي اغوا بعد اسين سمورا گهر ڀاتي سخت اذيت ۾ مبتلا آهيون. هن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته ڌيءُ کي بازياب ڪرائي اغوا ۾ ملوث بااثر معشوق جتوئي کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.