پي ايم يو اسپتال ۾نوابشاهه جيل جو قيدي بيماري وگهي فوت

نوابشاھ( بيو رو چيف) نوابشاھ جي پي ايم يو اسپتال ۾ گذريل ٻن ھفتن کان جگر جي بمياري وگھي داخل ٿيل ڊسٽرڪٽ جيل نوابشاھ جو قيدي 42 ورھين جو غلام سرور ڀٽي بيماري وڌي وڃڻ سبب فوت ٿي ويو سندس فوتگي بعد نوابشاھ جي جوڊيشل ميجسٽريٽ ٽو جي نگراني ۾ ضروري قانوني ڪاروائي ڪرڻ بعد لاش فوتي جي وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي فوتي غلام سررو ڀٽي جو لاش کڻائي نوابشاھ سانگھڙ روڊ تي واقع ڳوٺ سوئي گيس اسٽاپ لڳ فوتي جي تدفين ڪئي وئي واضح رھي تہ فوتي غلام سرور ڀٽي ھڪ سال اڳ پنھنجي ننڍڙي معصوم نياڻي جو ڳلو ڪپي کيس قتل ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ثيڻ تي ڊسٽرڪٽ جيل نوابشاھ ۾ قيد ڪاٽي رھيو ھو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.