اوٻاوڙو لڳ ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، نينگر چيڀاٽجي ويو

اوٻاوڙو ( رپورٽ : عبدالحئي ڇڄڻ ) اوٻاوڙو لڳ الائنس شگرمل وٽ قومي شاھراهه تي تيز رفتار ٽرالر جي رڪشي کي زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ رڪشي تي  سوار ڳوٺ ڪريم بخش ڪوش جو رھواسي 15 ورھن جو نينگر غلام مصطفي ڪوش ٽرالر هيٺان اچي چيڀاٽجي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو فوتي نوجوان غلام مصطفي ڪوش شهر مان کاڌي پيتي جو سامان وٺي شوگر طرف اچي رھيو ھو  ته قومي شاھراهه تي حادثو پيش آيو   نوجوان مهينو اڳ الائينس شگرمل وٽ قومي شاھراهه ڀرسان چاري سانگي چوپايو مال ڪاهي اتي ويهاريو ھو فوتي نوجوان اصل تعلق دلواري ڳوٺ ڪريم بخش ڪوش سان ھو جتي اھڙي اطلاع تي اوٻاوڙو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي جو لاش کڻائي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پھچايو جتي فوتي جو مڙھ ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو  نوجوان جو لاش اوچتو گھر  پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ والدين کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا ھوڏانھن پوليس ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرالر کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.