ڪي ايم سي پاران عسڪري پارڪ کي تحويل ۾ وٺڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ )ميٽرو پوليٽن ڪارپوريشن ( ڪي ايم سي ) عسڪري پارڪ کي تحويل ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

ڊائريڪٽر جنرل پارڪس ڪمپني ڪمانڊر ڪور فائيو جي نالي خط لکيو، جنهن ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ عسڪري پارڪ ڪي ايم سي کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو، حڪم تحت پارڪ جو انتظام ڪي ايم سي حوالي ڪيو وڃي.

خط ۾ چيو ويو  ته عدالت حڪم ڏنو هو ته 28 ڊسمبر کان ٻن هفتن اندر پارڪ تحويل ۾ وٺڻو آهي، پارڪ تحويل ۾ وٺي سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ به جمع ڪرائڻي آهي.

خط جي متن موجب تاريخ ٻڌايو ته پارڪ کي ڪهڙي ڏينهن ضلعي انتظاميا جي حوالي ڪيو ويندو؟.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ عسڪري پارڪ کي ڪي ايم سي جي تحويل ۾ ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.