جنرل بپن راوت جي هيلي ڪاپٽر سان حادثو  جي جاچ رپورٽ جاري

نئين دهلي( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل بپن راوت جو هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه ٿيڻ بابت شروعاتي جاچ رپورٽ سامهون اچي وئي.

رپورٽ موجب موسم جي غير امڪاني تبديلي جنرل بپن راوت جي هيلي ڪاپٽر سان حادثي جو ڪارڻ  هئي.

شروعاتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪڪرن جي غير امڪاني آمد پائليٽ جو هيلي ڪاپٽر ڪنٽرول ڪرڻ تان ڌيان هٽايو، بپن راوت جي هيلي ڪاپٽر سان حادثو تڪنيڪي خرابي جو نتيجو نه هو.

واضح رهي ته ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ گذريل مهيني هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ جنرل بپن راوت سميت 14 ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.