مٺي: ڊزرٽ چئلينج جيپ ريلي 2022ع جي شروعات

مٺي ۾ ڊزرٽ چئلينج جيپ ريلي 2022ع  جي شروعات ٿي وئي.

جيپ ريلي جو افتتاح مير نادر خان مگسي ۽ وڏي وزير جي خاص مددگار ارباب لطف الله ربن ڪاٽي ڪيو.

جيپ ريلي ۾ ملڪ جون ناليواريون ريسرز پڻ حصو وٺي رهيو آهن، جيپ ريلي ۾ 78 گاڏيون حصو وٺي رهيون آهن.

ان موقعي تي راندين بابت وڏي وزير جي خاص مددگار ارباب لطف الله چيو ته هن ايونٽ جو مقصد ٿر کي سموري دنيا تائين متعارف ڪرائڻ آھي، سنڌ حڪومت ٿرپارڪر کي سدائين فوقيت ڏني آھي،هن جيپ ريس ۾ سموري ملڪ جي ماڻھن حصو ورتو آھي.

مير نادر خان مگسي جو چوڻ هو ته ٿر جي زمين مالامال آهي، اهڙين سرگرمين سان سياحت کي هٿي ملندي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.