ڪراچي: وڏي وزير پاران مريضن تي عملي تعليم لاءِ سيموليشن سينٽر جو افتتاح

ڪراچي جي ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مصنوعي مريضن تي عملي تعليم لاءِ سيموليشن سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو.

وڏي وزير مراد علي شاهه ڊائون يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ۾ آصف رحمان سيموليشن سينٽر جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سيموليشن طريقي سان ڪلينيڪل ماحول بڻائي مصنوعي مريض تي علاج جو طريقو اختيار ڪيو ويندو آهي،رسرچ جي شعبي ۾ اسان کي اڳتي وڌڻو آهي، آئون پيشي جي اعتبار سان انجينيئر آهيان پر سيموليشن سسٽم تي مون کان بهتر هتان جا ماهر ڳالهائي سگھن ٿا، ان سينٽر ۾ ميڊيڪل تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد بهترين عملي تعليم حاصل ڪري سگھندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.