ڄامشوري ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران شاعري مشاهرو ڪرايو ويو

ڄامشوري ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران مخدوم طالب المولا هال ۾ شاعري مشاهرو پيش ڪيو ويو.

شاعري مشاعري ۾ بورڊ آف گورننس جي ميمبرن ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو، محترمه مريم مجيدي، رخسانا پريت چنڙ ۽ پنهنجي پنهنجي تخليق ڪيل شاعري ڪري خوب داد حاصل ڪيو.

ان موقعي تي مشاعري جي صدارت ڪندڙ ليکڪه نذير ناز جو چوڻ هو ته مون کي ادبي بورڊ اچي گھڻي خوشي ٿئي ٿي ته جيڪو خواب مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ ڏٺو هو اهو اڄ مخدوم سعيد الزمان جي صورت ۾ پورو ٿي رهيو آهي، سنڌي ادبي بورڊ ۾ سنڌ جو نقشو ٺهرائڻ تعريف جوڳو عمل آهي، سنڌ جي نون لکندڙن جا ڪتاب ڇپرائڻ به هڪ وڏو شاندار عمل رهيو آهي.

مخدوم سعيد الزمان عاطف جو چوڻ هو ته سڄي سنڌ مان اديب شاعر دانشور قلمدان هتي موجود آهن جيڪو اسان جو پراڻو خواب ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو مقصد آهي.

مشاعري ۾ ڊاڪٽر عرفانه ملاح، امر سنڌو، فهيم نوناري، تاج جويو  ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.