ٽنڊو الهيار واسي عورتن ۽ مردن جو نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

ٽنڊوالهيار جي ڀيل ڪالوني جي رهواسڻ عورتن ۽ مردن پاران پوليس پاران نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ  خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي علي شير ناريجو الزام هڻندي چيو ته  ته هنن جي  نوجوان قادر ناريجو کي بي سيڪشن پوليس بناجواز گرفتار ڪري کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته پوليس معاملي بابت لاعلمي  جو اظهار ڪيو آهي، اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني نه آهي.

احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي ٽنڊو الهيار ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان اپيل ڪئي ته نوجوان کي آزاد ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.