پيٽرول جي قيمت ۾ وڏي واڌ جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ تيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽرول شين جي اگھن ۾ 5 کان 6 رپيا في ليٽر واڌ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي.

ذريعن موجب پيٽرول شين جي اگھن ۾ واڌ جي سمري پيٽروليم ڊويزن کي موڪلي وئي آهي جنهن ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا 50 پيسا في ليٽر واڌ جي تجويز آهي.

هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگھه ۾ 5 رپيا ۽ لائيٽ ڊيزل جي اگھه ۾ 4 رپيا في ليٽر واڌ جي سفارش ڪئي وئي آهي. اهڙيءَ طرح گاسليٽ 6 رپيا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جي تجويز به سمري ۾ شامل آهي.

اگھن ۾ واڌ بابت حتمي فيصلو وزيراعظم عمران خان ڪندو ۽ ناڻي واري وزارت سڀاڻي نئين قيمتن جو اعلان ڪندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.