قومي سلامتي پاليسي  قوم جي نه پر رياست جي آهي: رضا رباني

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) پ پ سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته هي ڪهڙي قومي سلامتي پاليسي آهي جنهن ۾ پارليامينٽ کان پڇا به نه ڪئي وئي، پنهنجي لاءِ تيار ڪيل پاليسي عوام تي مڙهي وئي آهي.

اسلام آباد ۾ پ پ سينيٽر شيري رحمان جي ڪتاب ” وومين پلاننگ “ جي مهورتي تقريب ٿي.

تقريب کي خطاب ڪندي رضا رباني چيو ته ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته رڳو  رياست جي بيانيي  کي تاريخ ۾ لاڳو ڪيو وڃي، تاريخ ۾ عورتن جي جدو جهد به هن ظلم جو نشانو بڻي آهي.

هن چيو ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان( ٽي ايل پي ) سان معاهدو ٿيو، هيل تائين سامهون نه آيو، چيو ويو ته معاهدو ڪجهه ڏينهن ۾ عوام جي سامهون اچي ويندو.

رضا رباني چيو ته  نيشنل سڪيورٽي پاليسي آئي، هي ڪهڙي پاليسي آهي جنهن ۾ پارليامينٽ سان صلاح نه ڪئي وئي، هي قوم نه پر رڳو رياست جي پاليسي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.